نواب ولي محمد ۾سوين آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

نواب ولي محمد ( ن ع آ ) نواب ولي محمد ۾ دولتپور شاخ ۽ لنڊڪي شاخ جي پڇڙيءَ جي سوين آبادگارن خميسو خان ڀنڊ حافظ رضا محمد راهو انور علي ٻگهيو دائود ملاح واجد راهو عمران علي انڙ مٺل اوٺو غلام شبير سنگراهه اياز لاشاري سليمان ملاح عبدالرزاق لاکو جي اڳواڻيءَ /ڏسو صفحو 2 ڪالم 2 ۾ قومي شاهراهه تان جيلاني پيٽرول پمپ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سالن کان لنڊڪي مائينر ۽ دولتپور شاخ تي مقرر داروغن ۽ بيلدارن رشوت عيوض واٽر ڪورس ٽوڙائي نوليون جهٽا هڻي پڇڙيءَ جي حصي جو پاڻي وڪرو ڪري پڇڙيءَ جي آبادگارن کي بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي ۽ پاڻ ڪک پتي مان ڪروڙ پتي ٿي ويا آهن.   ۽ سدائين آبادگار پاڻيءَ لاءِ سرپا احتجاج بڻيل رهيا آهن تازو مقرر ٿيل ايريگيشن انجنيئر طارق ڪيهر ڪرپٽ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري دولتپور شاخ ۽ لنڊڪي مائينر جي پڇڙيءَ ۾ پاڻي پهچايو آهي ته ڪرپٽ ايريگيشن عملدار کيس يونين جي آڙ ۾ ايماندار آفيسر طارق ڪيهر کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن آبادگارن مطالبو ڪيو ته انجنيئر طارق ڪيهر کي روهڙي ڊويزن تي مدو پورو ڪرڻ ڏنو وڃي ۽ يونين جي آڙ ۾ بيلڪ ميل ڪندڙ آبپاشي عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي

ڏهرڪي ۾ ڳوٺاڻن جو زرعي ڊيلرن خلاف احتجاج

ڏھرڪي (ت ر) ڏھرڪي لڳ ڳوٺ شاھ بيگ ڪوڀر جي رھواسين جو نقلي ٻج ۽ زرعي دوائون ھلائيندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج،ڏھرڪي  ويجهو ڳوٺ شاھ بيگ ڪوڀر جي رھواسين محمد عامر ڪوڀر، شاھ بيگ ڪوڀر ۽ ڪريم بخش ڪوڀر ميڊيا اڳيان ڌائيندي چيو ته اسان جو ڪپھ جو فصل نقلي زرعي دوائن جي ڪري مڪمل تباھ ٿي ويو آهي ۽ اسين بکون ڪٽي رھيا آھيون جڏهن ته ڊيلر مختلف با اثر وھاج خورن ذريعي ھراسان ڪري رھيا آھن اسين زراعت کاتي جي آفيسرن، اعلي اختيارين، ڪورٽ سڳوري جي ججن ۽ سنڌ حڪومت کي اپيل ڪيون ٿا ته ڏھرڪي شهر جي زرعي دوائون ۽ نقلي ٻج ھلائيندڙ وھاج خور ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪري انھن کي سخت سزا ڏني وڃي ۽ اسان جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪرايو وڃي ۽ اسان جا قرض معاف ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي،

سجاول لڳ شگر مل جو زهريلو ڪيميڪل آزار بڻيل

سجاول ( ڊ ر ) ديوان شگر مل جي الڪوحل پلانٽ مان نڪرندڙ ڪيميڪل جي زهريلي پاڻي آس پاس جي علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، انهي سلسلي ۾ مقامي  آبادگارن ۽ هارين  محمد حسين جت، عبدالحڪيم جت، ۽ ٻين  احتجاجي مظاهرو ڪندي ڄاڻايو آهي ته ديوان شگرمل جي الڪوحل پلانٽ مان نڪرندڙ زھريلي ڪيميڪل واري پاڻي سبب سندن زمينون تباھ ٿي رهيون آهن جڏهن ته زمينن ۾  پوکيل  فصل سڪي ۽ سڙي پاپڙي ٿي ويو آهي جنهن سبب کين ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي زھريلي پاڻي جو ڇوڙ بند ڪرائي ٿيل نقصان جو معاوضو ڏياريو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.