ميهڙ لڳ ڪار جي ٽڪر ۾ ٻارڙي فوت، 4 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ميهڙ ڀرسان ڪولاچي لنڪ روڊ تي تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل سان زودار ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ قمبر تعلقي جي ڳوٺ  علي بخش پنهور واسي عامر پنهور جي هڪ سالن جي ڌيءَ ريما تڏي تي فوت ٿي وئي جڏهن ته حادثي ۾ عامر پنهور سندس گهر واري امتياز خاتون، 2 سالن جي ڌيءَ ڪومل ۽ 3 سالن جي ڌيءَ نائلا سخت زخمي ٿي پيا اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي ڪار تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪرڻ بعد آسپاس جي ماڻهن جي مدد سان نينگري جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي آندو جتي عورت امتياز خاتون جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جڏهن ته ٻين زخمين کي طبي امداد پڻ ڏني وئي.  ان موقعي تي زخمي عامر پنهور ٻڌايو ته آءُ موٽرسائيڪل تي پنهنجي گهر واري ۽ ٻارن کي کڻي دادو ساهرن ڏانهن وڃي رهيو هيس ته ميهڙ ڀرسان ڪولاچي لنڪ روڊ تي تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل سان زودار ٽڪر ٿي پيو نتيجي ۾ منهنجي ڌيءَ هڪ سالن جي ڌيءَ ريما تڏي تي فوت ٿي ۽ اسين زخمي ٿياسين. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي نينگري جو لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.