ڊگهڙي ڀرسان ٻن ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 5 ڄڻا زخمي

ڊگهڙي(ن ع آ ) ڊگهڙي شگر مل ڀرسان رڪشا ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ پيرسن نور محمد ولد رمضان ڪنڀار،راجا نوحاڻي ۽ رضوان نوحاڻي زخمي ٿي پيا زخمين کي فوري طور تي تعلقي اسپتال ڊگهڙي آندو ويو جتي کين  طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد پيرسن نور محمد ڪنڀار کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو،ٻي طرف ڪنگورو شاخ ڀرسان مين روڊ تي شاخ جي موري تعمير ڪرڻ لاء کوٽيل کاهي ۾ موٽرسائيڪل ڪري پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار فهد ولدفاروق جٽ ۽ جاويد ولد دلاور جٽ زخمي ٿي پيا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.