سيٺار جا ۾ قتل ٿيل ٽن ڄڻن جو ڪيس داخل، ايس ايس پي تڏي تي پهتو

سيٺارجا ( ن ع آ ) ٻه ڏينهن اڳ سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ کبڙ سهتو ۾ هٿياربند جوابدارن پاران گوليون هڻي قتل ڪيل در محمد  ناريجو ۽ سندس ٻن پٽن عمران ۽ مبين واري واقعي جو گذريل رات دير سان مقتول در محمد جي واقعي ۾ بچي ويل پٽ گلشاد ناريجو جي فرياد تي 9 سڃاتل جوابدارن تاج محمد ، گل حسن ، گلزار، نادر، عابد ، اعظم، فريد، جمال ۽ امتياز سميت ٻن اڻ سڃاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي . جنهن ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته زمين جي معاملي تان زمين جي معاملي ۽ منهنجي مقتول ڀاءُ عمران پاران ناري سدرا ڀٽو سان عدالتي پرڻو ڪرڻ تان چاچو تاج محمد ، گل حسن ۽ گلزار سميت ٻيا ناراض هيا ۽ ڪافي عرصي کان اسان کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندا هيا جن ٻه ڏينهن اڳ ساٿين سان گڏ هٿياربند ٿي رات جو اسان جي گهر مٿان حملو ڪري منهنجي پيءُ ۽ ٻن ڀائرن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ گهر کي باه ڏئي ڇڏي ٻن جوابدارن تاج محمد ناريجو ۽ محمد اعظم ناريجو کي گرفتار ڪري ورتو هوڏانهن واقعي جي ٽئين ڏينهن ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جي وارث نوجوان گلشاد سان تعزيت ڪئي ۽ سندس کان واقعي بابت معلومات ورتي ۽ ڊي ايس پي ميرواهه کي هدايت ڪئي ته متاثر خاندان جي حفاظت لاءِ پوليس پڪٽ قائم ڪئي وڃ، هن يقين ڏياريو ته واقعي ۾ ملوث سمورا جوابدار گرفتار ڪري انهن کي قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.