اسلام ڪوٽ ۾ راڳي اسلم فقير جي بک هڙتال، اي سي پهتو

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) اسلام ڪوٽ جي نالي واري راڳي اسلم فقير ۽ سندن برادري جي ماڻهن پاران بنيادي مسئلن جي حل لاءِ پريس  ڪلب آڏو ڪئمپ هڻي شروع ڪيل بک هڙتال ڪالهھ ٽي ڏينهن تي به جاري رکي. انهي سلسلي ۾ قائم ڪيل ڪئمپ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ پاڪستان هندو ڪائونسل جي هريش جيراماڻي، هندو ڪائونسل پاران ايجوڪيشن جو سپروائيزر سنيل ڏيوناڻي، مسلم ليگ ف جو سٽي صدر جعفر  علي  وڪيو، امن مالڪاڻي، سيد غلام رسول شاھه ۽ ٻين بک هڙتال جي ڪئمپ تي ويهي اسلم فقير سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. اُنهي موقعي تي اسلم فقير ۽ ٻين دانهيندي چيو ته هڪ سازش تحت اسان جي پاڙي کي بنيادي سهوليتن کان محروم رکيو ويو آهي، سرڪار پاران شهر کي ماڊل سٽي بڻايو پيو وڃي پر اسان جي پاڙي ۾ اڄ تائين روڊ بجلي توڙي ڊرينج جي سهوليت به نه ملي آهي سموري گهٽي ۾ گندي پاڻي سبب اسين عبادت ڪرڻ لاءِ وڃي نٿا سگهون اسان جا روڊ رستا بند ڪري تنگ ڪيو پيو وڃي. ٻئي پاسي ڪالهھ ايڊمنسٽريٽر نهيد احمد ميراڻي ۽ ٽائون آفيسر محمد نواز مهر ڪئمپ تي پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته توهان بک هڙتال ختم ڪريو.  اسان في الحال محلي مان صفائي ڪرايون ٿا بعد ۾ اين آءِ ٽي ٿيڻ بعد نالي ٺهرائي ڏني ويندي توهان احتجاج ختم ڪريو،پر احتجاج ڪندڙن بک هڙتال ختم ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته جيسين اسان جي پاڙي ۾ ترقياتي ڪمن سميت گٽر نالي جو ڪم شروع نه ٿيندو تيستائين اسان احتجاج ختم نه ڪنداسين، اسان هن وقت بک هڙتال شروع ڪئي آهي،هفتي ۾ اهو  مسئلو حل نه ٿيو ته مين روڊ تي ڌرڻو هنيو ويندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.