عمران سرڪار مهانگائي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن: نواز خان زئور

سڪرنڊ ( ن ع آ ( جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چئرمين نواز خان زئور چيو آھي ته عمران سرڪار مانگھائي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن مزور  طبقو بک بدحالي طرف وٺجي چڪو آھي عوام کي تبديلي جا خواب ڏيکاري,ٻه ويلا ماني جو حق به کسجي چڪا آھن اڄ جا حڪمران مانگھائي رڪارڊ ٽوڙ ٿي آھي,ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھن,اھڙو اظھار ھن سڪرنڊ ۾ قومي ڪارڪنن سان ڳالھائيندي ڪيو . ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق پنھجو دائمي قبضو ڪرڻ گھري ٿو,سنڌي قوم ڪنھن به صورت ۾ ٻيٽن تان ھٿ نه کڻندي,پرامن جدوجھد ئي قومن جي وجود کي بچائي سگھي ٿو سنڌي قوم ھاڻ شعور جي ڏاڪي تي پھچي چڪي آھي جيڪي سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف متحد ۽ منظم ھوندي آھي ھن وقت به سڄي سنڌي قوم ٻيٽن تي قبضي وارو فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آھي,۽ جدوجھد جي ميدان ۾ سرخرو ٿي بيٺل آھي انھي کي مان ڏيندي وفاق کي گھرجي ته ڪيل فيضلي ته نظرثاني ڪري ٻيٽن تي سنڌي قوم جو حق تسليم ڪري صدراتي آرڊينس واپس وٺي سنڌ جي وسيلن جي مالڪ سنڌي قوم آھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.