جوهي ۾ حادثي ۾ فوت ٿيل ڀيڻ ڀاءُ جي تدفين

جوهي (ن ع آ)جوهي ۾ هڪ ڏينهن اڳ تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي هيٺيان اچي چيڀاٽجي فوت ٿيل 4 سالن جو شمن ٿهيم ۽ 8 سالن جي  بينظير ٿهيم جي تدين رات دير سان ٿي. ٻارڙن جو والد پورهيت وزير ٿهيم رات دير سان ڪراچي مان جوهي پهتو. شهرين ۽ سياسي سماجي ماڻهن شخصيتن پاران وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. ٽريڪٽر مالڪ فضل رودناڻي پاران خون بها کڻي پ پ جوهي جي صدر عبدالمجيد جمالي، سردار گل محمد رودناڻي ۽ ٻين کي ساڻ ڪري منٿ ميڙ جو ڪافلو وٺي پورهيت وزير ٿهيم وٽ تڏي تي پهچي ويو، جتي تعزيت ڪئي ۽ خون بها ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جتي پورهيت وزير ٿهيم پنهنجي ٻارڙن جي خون بها وٺڻ کان انڪار ڪري ميڙ منٿ ڪافلي کي مان ڏيندي ٻارڙن جا خون معاف ڪري ڇڏيا. ان موقعي تي فوتي ٻارڙن جي پيءُ پورهيت وزير ٿهيم چيو ته منهنجي ٻارڙن سان ڪنهن جي دشمني نه هئي اهو هڪ اتفاقي واقعو هيو جنهن جي ڪري معاف ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.