ٺل لڳ مقتول نينگر جو اڄ ٽيجهو، قاتل آزاد

ٺل (ن ع آ) ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد بئراج پل وٽ ٽي ڏينهن اڳ بجلي جي تار لڳائڻ تان نوناري ۽ گهنڃا برادري ۾ ٿيل  جهيڙي دوران فائرنگ ۾ مارجي ويل واٽهڙو 13 ورهين جي نينگر سعيد احمد ولد عبدالمجيد ڀٽي جو ٽيجهو اڄ ٿيندو،نينگر جي تڏي تي هن مهل تائين ڪوبه چونڊيل نمائندو يا پوليس آفيسر لڙي نه آيو آهي،مقتول نينگر سعيد احمد ڀٽي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي،پوليس پاران جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ سندن ٺل جي باءِ پاس وٽ قائم جڳهه ۽ ڳوٺ شير خان گهنڃو ۾ پوليس نفري کي بيهاريو ويو آهي،ٻئي طرف فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڊاڪٽر احمد نوناري جي حالت سڌندڙ ٻڌائي پئي وڃي،جيڪو لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ داخل آهي،جڏهن ته ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي تي مقتول نينگر جي والد عبدالمجيد ڀٽي ۽ ڊاڪٽر احمد نوناري جي سوٽ مختيار احمد نوناري جي فرياد تي داخل ڪيل الڳ الڳ ڪيسن ۾ ڄاڻايل جوابدارن عبدالوحيد، عظمت، محمد بخش، عبدالستار گهنڃو جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي،جنهن تي ڀٽي برادري پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي احتجاج جو چتاءُ ڏنو آهي،مقتول نينگر سعيد احمد ڀٽي جي والد عبدالمجيد ڀٽي،چاچي سڪندر علي ڀٽي،امڙ ارشاد خاتون،ڀيڻ ريشمان خاتون ۽ ٻين چيو ته پوليس جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ ڪي به ڪوششون ناهن ڪيون،ٽي ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود هن مهل تائين ڪوبه چونڊيل نمائندو يا پوليس آفيسر لڙي ناهي آيو،پوليس جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي کين ڀڄائي ڇڏيو آهي،اسان جي ڪوبه دانهن ٻڌڻ وارو ناهي اسان جي نينگر سعيد احمد ڀٽي کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي،فائرنگ جي دوران نوناري ۽ کوسا برادري جي ماڻهن جوابدارن کي ٻڌايو ته هي ڀٽي برادري جو نينگر آهي پر تنهن باوجود به جوابدارن نينگر جي مٿان فائرنگ ڪئي آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.