رتيديري لڳ 4 قتلن جو ڪيس داخل نه ٿيو، ڌريون مورچابند

رتوديرو (ن ع آ ) رتوديرو لڳ ٿيل چئن خونن جو اڃان تائين ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگھيو ، ٻه ڏينهن گذري وڃڻ باوجود حد جي  پوليس ڪابه ڪارروائي ڪري نه سگھي ، علائقي ۾ هن وقت تائين خوف ڇانيل : خبر موجب ٻه ڏينهن اڳ وارثڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ محمد يعقوب جلباڻي ۾ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل پنهل ڪٽوهر ، معشوق عمراڻي  ٻي ڌر جي همٿ جلباڻي ۽ محمد فضل جلباڻي جي قتل واري واقعي جي حد واري ٿاڻي تي ڪابه ايف آءِ آر داخل ٿي نه سگھي آهي ۽ نه ئي وري هن وقت تائين پوليس اهڙي واقعي بابت ڪا اڳڀرائي ڪري سگھي آهي جڏهن ته واقعي ۾ ملوث جوابدار به گرفتار ٿي نه سگھيا آهن.  حد جي پوليس صرف ڳوٺ يعقوب جلباڻي ٻاهران هڪ پوليس پڪٽ قائم ڪئي آهي جڏهن ته ٻئي ڌريون جديد هٿيارن سان مورچا ٺاهي پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۾ ويٺل آهن اهڙي صورتحال سبب علائقي ۽ ان جي آس پاس وارن ننڍن ڳوٺن جي ڳوٺاڻن ۾ اڃان تائين سخت خوف واري صورتحال آهي هوڏانهن ان سلسلي ۾ وارثڏنو ماڇي ٿاڻي جي ايس ايڇ او نثار احمد بروهي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جھيڙيندڙ ٻنهي ڌرين مان هن وقت تائين ٿاڻي تي ڪير به نه پهتو آهي جيئن ئي ڌريون ڪيس داخل ڪرائينديون ته اسين ان بعد واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف پنهنجي ڪارروائي ڪنداسين هن چيو ته علائقي اندر حالتون قابو ۾ ڪري ورتيون آهن پوليس پڪٽ قائم ڪئي آهي ته جيئين ڪوبه اڻ وڻندڙ واقعو ٿي نه سگھي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.