اڪري ٿاڻي تي سوين عزادار گرفتاري ڏيڻ لاءِ پهچي ويا

اڪري چودڳي (ن ع آ)اڪري ۾ چهلم واري ڏهاڙي پيادل جلوس ڪڍڻ تان سوين عزادارن تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد اڄ ڪفن  پائي سوين عزادار اڪري ٿاڻي تي گرفتاري ڏيڻ لاءِ پهچي ويا، اڪري پوليس امام حسین علیہ السلام ۽ ڪربلا جي شهيدن جي چھلم واري ڏهاڙي جلوس ڪڍڻ جي الزام هيٺ 477  عزادارن مٿان ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا هئا، جڏهن ته ان جي رد عمل ۾ سوين عزادارن ڪفن پائي گرفتاري ڏيڻ لاءِ اڪري ٿاڻي تي پهچي ويا آهن جتي سيد مصطفي شاھ.، سيد علي مدد شاھ،مولوي امير حيدر شر ۽ٻين  صحافين کي ٻڌايو ته هر سال جيان چهلم جي سلسلي ۾ جاگير علي اڪبر ويندا آهيون، ڪنهن قسم جي ٽريفڪ توڙي روڊ رستي تي رڪاوٽ نه وڌي ويندي آهي،  پرامن طريقي سان ڪربلا جي شهيدن کي عقيدت جي ڀيٽا ڪرڻ لاءِ پيدل ويا هئاسين پر پوليس پاڪستان جي اظهار راءِ جي آرٽيڪل جي ڀڃڪڙي ڪندي غيرقانوني طور سرڪاري اختيارن جو غلط استعمال ڪيو آهي، هنن چيو ته ڇا امام حسين عليه السلام سان عقيدت رکڻ گناھ آهي، هنن چيو پوليس اسانکي گرفتار ڪري ڀلي شهيدن جي محبت جي ڏوھ ۾ سزا ڏئي اڪري ٿاڻي آيل عزادارن کي اڪري ٿاڻي جي پوليس عملدارن عزادارن کي گرفتار ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاريندي چيو ته اسان کي عزادارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ناهي مليو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.