ڄامشوري ۾ ڳوٺاڻن جو عورتن سميت پوليس ۽ بااثر خلاف احتجاج

ڄامشورو ( ڊ ر ) ڳوٺ الھڏني پنھور جا رھواسي ڳوٺاڻا مرد عورتون ٻارڙا ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان انصاف لاءِ وزير  علي پنھور، مير مرتضي’ پنھور، شھزاد پنھور جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪندي دانھيندي چيو تـ اسان جي ڳوٺ الھڏنو پنھور ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ جو مائٽ سڏائيندڙ سيد گل محمد شاھ طرفان اسان جي عزيزن احمد علي پنھور کان پنھنجي پٽ بخشل شاھ جي رشتي جي ڳالھه تان برادري جي ماڻھن طرفان انڪار ڪرڻ اعتراض ڪرڻ ۽ پراڻي دشمني تان ڪيترن سالن کان اسان مٿان انتقامي ڪاروايون ڪندي ظلم جي انتھا ڪندو پيو اچي ۽ پوليس کي استعمال ڪندي اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ پوليس ھٿان اسان جي ماڻھن تي وحشاڻو تشدد ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو ويٺا آھن  تازو ھڪ ھفتو اڳ سندس  زمين تان سولر سسٽم جون بيٽريون چوري ٿيڻ جو ڊرامو ڪندي حد جي ونگاري پوليس ايس ايڇ او خدا آباد گلزار احمد خشڪ ۽ چوڪي انچارج جي اڳواڻي ۾ عورتن ٻاڙن مردن تي وحشياڻو تشدد ڪري ٻن نوجوان علي اصضر پنھور علي اڪبر پنھور کي سخت ڪرڻ ڪندا گھر ۾ پيل ھزارين روپيا روڪ رقم سونا زيور ۽ ٻـ ٻڪريون ڪاھي ويا ٻڪري ڪڪڙ چوري جا ڪيس ڪري پوليس ونگارو بڻيل آهي، هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ وڏي وزير کان نوٽيس وٺي گرفتار ڪيل نوجوان آزاد ڪرائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.