بوزدار وڏا ۾ ڪيس داخل ٿيڻ خلاف شيعا تنظيمن جو مظاهرو

بوزدار وڏا ( ن ع آ ) بوزدار وڏا ۾ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ چهلم ڏهاڙي اربعين مشي پيادل جلوس ڪڍڻ تان سڄي سنڌ جي  مختلف ٿاڻن تي ۽ بوزداروڏا ٿاڻي تي  150 شيعه تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف بوزدار وڏا ۽ ڀرپاسي جي علائقن  جي سوين عزادارن  مسجد ابوالقاسم پهچي، مڱڻھار امام بارگاهه خانواهه پل، ناڪه چوڪ، منتظر مهدي نوراني جامع مسجد، ٽانوري انصاري محلا کان ٿيندو بوزدار وڏا ٿاڻي تي پهتو جتي عزادارن پاڻ گرفتاري ڏيڻ لاءِ لبيڪ يا حسين، حسين يا حسين جون صدائون بلند ڪيون، ان موقعي تي  شيعه تنظيمن جي اڳواڻن علي اصغر بوزدار، سيد صالح محمد موسوي، مولوي نبي بخش دانش، اظهار مڱڻهار، مير هدايت ﷲ ٽالپر، مرتضيٰ منگي ۽ ٻين چيو ته ڪربلا جي شهيدن جي چھلم واري ڏهاڙي اربعين مشي پيادل قافلو ڪڍڻ تي عزادارن  مٿان بوزدار وڏا ٿاڻي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي اڄ اسان پاڻ گرفتاري پيش ڪرڻ آيا آهيون يا اسان کي گرفتار ڪيو وڃي يا مختلف ٿاڻن تي عزادارن مومنين مٿان داخل ٿيل ايف آءِ آريون ختم ڪيون ۽ هوم سيڪريٽري عبدﷲ چاچڙ کي فل فور هٽايو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ هي ڌرڻو جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.