صحافي برادري جي تعاون جي ضرورت آهي: ڊاڪٽر خليل ابوپوٽو

خيرپور(ڊر)پريس ڪلب خيرپور جي عهديدارن پريس ڪلب خيرپور جي سرپرست اعلي خان محمد ،صدر غلام قادر سومرو ۽ مختيار  ڦلپوٽي جي  سربراهي ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو سان سندس آفيس  ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو گرم جوشي سان پريس ڪلب خيرپور جي عهديدارن کي ڀليڪار ڪيو، ان موقعي تي ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو چيو ته هن اداري کي ترقي جي بلندين تي پهچائڻ لاءِ اسان کي صحافي برادري جي تعاون جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان ميرٽ ۽ ٽيم ورڪ تي ڀروسو رکون ٿا. ميڊيا جي ذميواري آهي ته هو اداري جي ترقي جي بهتر نموني سان رپورٽنگ ڪري ان سان گڏوگڏ منفي پهلوئن کي پڻ اجاگر ڪري ڇاڪاڻ جو متوازن رپورٽنگ لاءِ اهو عمل انتهائي ضروري آهي. اوهانجي پنهنجي يونيورسٽي آهي، يونيورسٽي کي مالي بحران مان ڪڍڻ لاءِ صحافين جي سهڪار جي ضرورت آهي. غلام قادر سومرو وائيس چانسلر کي پريس ڪلب خيرپور جي دوري جي پڻ دعوت ڏني.  ملاقات ۾ پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڊائريڪٽر ميڊيا ۽ پبلڪ ريليشنز، مريد حسين ابوپوٽو رجسٽرار ۽ صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.