مانجهندلڳ مسافر ڪوچ ڪلٽي، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10زخمي

مانجهند / ڪوٽڙي ( نمائندن وٽان ) ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻو طرف ويندڙ تيز رفتار مسافر بس ڊرائيور جي ضابطي مان نڪري سن انڊس هاءِ وي تي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن سبب ٻارڙن ۽ عورتن سميت ڏھ کان وڌيڪ  مسافر زخمي ٿي پيا جن کي سن انڊس هاءِ وي اسٽاپ تي موجود ماڻهن بروقت سن جي رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو. جتي سندن  ڪراچي واسي نياز حُسين مغيري، نصيرآباد واسڻ 27 ورهين جي سائره بروهي ڌيءَ محمد علي بروهي، ڪوٽڙي واسڻ 18 ورهين جي صدف ڌيءَ  محمد علي عباسي، 50 ورهين جي صاحبه خاتون زال محمد علي عباسي، 45 ورهين جي بيدل ناز زال نظير حُسين رند، 50 ورهين جي باڊھ واسڻ صفوران زال گل حسن جوڻيجو، دادو واسڻ 25 ورهين جي فردوس، 50 ورهين جي رضيه زال شڪيل احمد خشڪ، وارھ واسي نظير احمد ۽ ڪراچي جي ڀينس ڪالوني واسي گلزار علي چانڊيو طور سڃاڻپ ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.