ڪنڊيارو لڳ سي آءِ اي پوليس جي ڪارروائي، جوابدار گرفتار، شراب هٿ

ڪنڊيارو (ن ع آ) سي آئي اي پوليس نوشھروفيروز ڳجهي اطلاع ملڻ تي ڪنڊيارو ڀرسان ڪارروائي ڪندي مبينا شراب وڪرو ڪندڙ غلام نبي جوڻيجو کي گرفتاري ڪري ان وٽان 120 بوتلون شراب هٿ  ڪرڻ جي دعوي` ڪئي آھي۔پوليس مطابق گرفتار  مبينا شراب وڪرو ڪندڙ جوابدارمٿان منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.