نوري آباد ۾ مسافر ڪوچ جو مزدا سان ٽڪر، 5 زخمي

نوري آباد (ن ع  آ ) ڪراچي کان ڪنڊيارو  ويندڙ مسافر ڪوچ کي موٽروي  روڊ تي مٽي ڪچرو صاف ڪندڙ مزدا گاڏي سان  حادثو پيش آيو حادثي   نتيجي مسافر ڪوچ جو ڊرائيور  علي محمد چانڊيو، ڪلينر  طاھر عباسي، مسافرساحل لاشاري، سميت مزدا جو ڊرائيور  محمد علي، ھيلپر جاويد سخت زخمي ٿي زخمين کي ايل ايم سي ڄامشورو  اسپتال ۾ طبي امداد  لا۽ داخل ڪيو ويو.

ٽنڊوغلام علي ڀرسان ٻن ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ 4 ڄڻا زخمي

ٽنڊو غلام علي(ن ع آ) ٽنڊوغلام علي ڀرسان ڇهون واٽر بس اسٽاپ لڳ موٽر سائيڪل سوار جو گڏھ سان ٽڪر ٿيڻ ڪري 2 ڄڻا  سوڍو ٺاڪر ۽ سنتوش ڀيل سخت زخمي ٿي پيا جڏھن ٻيو حادثو گلاب لغاري روڊ ڀٽائي پمپ لڳ تيز رفتار موٽر سائيڪل سوار ڪتي کي بچائيندي کڏ ۾ ڪري 2 ڄڻا نيلو ڀيل ۽ سلطان پنهور سخت زخمي ٿي پيا سڀني زخمين کي ڳوٺاڻن جي مدد سان کڻائي سرڪاري اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن پاران ٽن زخمين کي فسٽ ايڊ ڏئي فارغ ڪيو جڏھن ته نوجوان سوڍو ٺاڪر جي حالت نازڪ ھئڻ ڪري حيدرآباد منتقل ڪيو ھوڏانهن اسپتال ۾ ايمبولنس خراب ھئڻ ڪري زخمي کي وارث ويل چئير تي اسپتال مان کڻائي ٻاھر ايڪسري ڪرائي وارث زخمي کي پرائيوٽ ڪار ۾ حيدرآباد کڻائي ويا.

,

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.