ڪنڊيارو ۾ مبينا اغوا ٿيل ڊاڪٽر جي آزادي لاءِ احتجاج

ڪنڊيارو  )ن ع آ) ڪنڊيارو مان ايڊيشنل ڊي ايڇ او نوشھروفيروز ڊاڪٽر سڪندر عباسي جي پٽ ڊاڪٽر نواب ڪلهوڙو جي  مبينا اغوا خلاف رورل هيلٿ سينٽر ڪمالديرو جي ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي پاران اوپي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اسپتال جي گيٽ تي ايم ايس ڊاڪٽر مشتاق ڪونڌر،ڊاڪٽر قمرالزمان اڄڻ،ڊويزنل پيراميڊيڪل اڳواڻ اسماعيل کوسو،نثار ڪلهوڙو،حافظ نذير ڪلهوڙو، آصف علي ميمڻ ۽ فقير جمن مهيسر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ان موقعي تي ڊاڪٽر نواب ڪلهوڙو جي بازيابي لاء نعري بازي ڪئي وئي۔احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ھيو ته ڊاڪٽر نواب ڪلهوڙو ڪيترن ئي ڏينهن کان غائب آھي، هن کي اسپتال کان گهر ويندي اغوا ڪرڻ جو شڪ آھي۔ وارثن  پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪرڻ باوجود پوليس جاچ ۽ ڳولا ڪرڻ ۾ مدد لاء تيار ناهي۔احتجاج ڪندڙن ڊاڪٽر نواب ڪلهوڙو جي بازيابي نه ٿيڻ جي صورت ۾ ضلعي نوشھروفيروز جي سمورين اسپتالن جي تالابندي ڪري روڊن تي اچڻ جي ڌمڪي ڏيندي آئي جي سنڌ کان نوٽيس وٺي ڊاڪٽر نواب ڪلهوڙو جي بازيابي لاء عملي قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

لاڙڪاڻي جا 6 ڄڻا اڃا ڪڙولن ۾ قيد، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي شهر مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان پنهنجي پيارن  جي آزاديءَ لاءِ تصويرن وارا بئنر کڻي ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي مختيار بيگم چانڊيو، رحمت خاتون سومرو، اقصيٰ دايو، افسانه دايو، عبداللطيف سولنگي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته لاڙڪاڻي شهر جي نظر پاڙي مان 29 مئي 2017ع تي نوجوان انصاف دايو کي کنڀي گم ڪيو ويو، شهر جي مراد واهڻ پاڙي مان 22 نومبر 2017ع تي اسٽيٽ لائيف جي ملازم غلام مرتضيٰ سولنگي کي، ڪراچي مان لاڙڪاڻي واسي ٻن ڀائرن سميت ٽن ڄڻن فراز احمد، شيراز سومرو ۽ 7 جولاءِ 2020ع تي عاقب چانڊيو کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو.  جن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، جڏهن ته اسان پنهنجي پيارن جي آزادي لاءِ مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون، پر هن وقت تائين ڪو به تدارڪ ناهي ڪيو ويو. هنن چيو ته نوجوانن جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي، اسان سڀئي گهر ڀاتي سخت ڏک ۾ ورتل آهيون ۽ نوجوانن جي جدائي ۾ سندن ڪيترائي گهرڀاتي بيمار ٿي بسترن تي پيل آهن. هنن وس وارن ۽ اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي سڀني نوجوانن کي آزاد ڪرائي ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

ڪراچي مان نوجوان کنڀجي وڃڻ خلاف قمبر ۾ احتجاج

قمبر( ڊ ر ) ڪجهه مهينا اڳ ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي مان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هٿان کنڀي گم ڪيل ستار هڪڙي  جي آزادي لاءِ شهداء چونڪ تي وارثن  عبدالجبار ھڪڙو،انور علي هڪڙو ۽ ٻين هٿن پلي ڪارڊ کڻي ۽ کنڀي گم ڪيل ستار جون تصويرون رکي  احتجاج ڪيو ان موقعي تي سنڌ سڀاء پاران سنڌ مان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب قمبر جي روڊ تي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي جي اڳوڻي سنڌ سڀاء جي مرڪزي صدر انعام عباسي ستار هڪڙو جو ڀاءُ عبدالجبار هڪڙو اسلم هڪڙو ميرمرتضي کوسو  ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.  هنن وڌيڪ چيو ته رياست ڏاڍ ذريعي سنڌ جي حقن کي ڦٻائڻ گهري ٿي قومي سياست ڪندڙ سنڌي نوجوانن کي بغير ڏوھ جي کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي ۽ سالن جا سال هو عقبوت خانن ۾ اذيت صحيح ڪري مري وڃن ٿا چيف جسٽس آف پاڪستان کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي معاملي تي ازخود نوٽيس وٺي

عمرڪوٽ واسي گم ٿيل شاگرد ڪراچي مان هٿ

عمرڪوٽ(ڊ ر) عمرڪوٽ واسي مھراڻ يونيورسٽي خيرپور جو فرسٽ ايئر مڪينيڪل ڊپارٽمينٽ جو شاگرد غلام حيدر مھر خيرپور شاھ  حسين باء پاس کان حيدرآباد لاء نڪتو ھو ته سندس موبائيل نمبر بند ٿي ويو مائيٽن سندس گمشدگي جو شڪ ظاھر ، ڪيو آھي جنھن جو تاحال ڪو پتو پئجي نه سگھيو آھي وارثن خيرپور پوليس ۽ اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺي نوجوان غلام حيدر مھر جي بازيابي لاء ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي.

حيدرآباد ۾ ڄامشوري مان اغوا ٿيل ٻارڙن جي آزادي لاءِ احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ڄامشورو جي رهواسين پاران مبينا اغوا ٿي ويل ٻن ٻارڙن 12 ورهين جي محمد رمضان ۽ 7 ورهين جي علي جي بازيابي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اغوا ٿي ويل ٻارن جي پيءُ محمد ايوب ۽ ماءُ صاحبه ٻڌايو ته 18 ڏينهن اڳ بينظير ڪالوني ٽول پلازه وٽان سندن ٻه معصوم ٻار محمد رمضان ۽ علي اغوا ٿي ويا، جن جي اغوا جي رپورٽ ڄامشورو ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي، پر پوليس اڃا تائين ٻارن کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ٻارڙن کي بازياب ڪرايو وڃي.17

ڏهرڪي ۾ مغوي نوجوان جي آزادي لاءِ احتجاج

ڏهرڪي (ت ر) ڏهرڪي جي سوئي شريف جي راڄڙي برادري جي حافظ نورمحمد  راڄڙي. عيدن. بارادي خان راڄڙي. قربان ٻين صحافين کي دانهيندي ٻڌايو ته کوسا برادري جا بااثر حفيظ الله کوسو غلام قادر. محمد نواز.  اسان جي نوجوان عبدالغفار راڄڙي کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته بااثر هٿياربندن علائقي واسين جي ڪيترن غريب ماڻھن جي زمينن جو واٽر ڪورس ڀڃي پاڻي بند ڪري قبضو ڪندا آھن جنهن سبب علائقي واسين جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي. هنن ٻڌايو ته ڪجه ڏينهن اڳ باااثر کوسا برادري جيڪي اسان مٿان ڪوڙا الزام لڳائي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن.  جيڪي سراسر ڪوڙ تي ٻڌل آهن. هنن دانهيندي ٻڌايو کوسا برادري جي هٿياربندن اسان جي  ڳوٺ تي حملو ڪري اسان جي 14 سالن جي نوجوان کي اغوا ڪيو آھي. جنهن کي پندرنهن ڏينهن گزري ويا آھن جنهن جو ڪو به ڏس پتو ناهي جنهن جي پٽيشن اسان سيشن ڪورٽ گهوٽڪي ۾ پڻ داخل ڪرائي آهي پر هو اڃان تائين بازياب نه ٿي سگهيو آھي. هنن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين کي مدد جي اپيل ڪندي چيو ته اسان جي اغوا ڪيل نوجوان کي بازياب ڪرائي  اسان سان انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ ڪوڙا ڪيس ختم ڪري بااثر کوسا برادري خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

ڪوٽڙي مان گم ٿيل ٻه ڀائر ٻارڙا سن مان هٿ

ڪوٽڙي/ مانجهند ( نمائندن وٽان )  ڪوٽڙي جي هڏي مل واري علائقي مان پندرهن ڏينهن اڳ مبينا طور گم  ڄاڻايل ٻه  ٻارڙا سن مان هٿ. هڏي مل واري علائقي ۾ گم ڄاڻايل ٻن  ڀائر کي سن پوليس پاران هٿ ڪري ٿاڻي تي آندو ويو جنهن بعد مائٽن کي اطلاع ڏئي ٻار سندن حوا ڪيا ويا، 10 سالن جو  رمضان شيخ ۽ 8 سالن جي علي شيخ کي پوليس هٿ ڪري  وارثن جي حوالي ڪري ڇڏيو، 15 ڏينهن اڳ ٻئي ٻارڙا مبينا طور گم ٿي ويا هئا، وارثن سندن اغوا جو شڪ به ظاهر ڪيو هو ۽ سندن ڳولا لاءِ احتجاج پڻ ڪيو هئو.،سن پوليس موجب پوليس گشت ڪري رهي هئي ته ٻارڙا سن شهر ۾ پنا ميڙيندي کين نظر آيا پڇا ڪرڻ تي ٻارڙن پنهنجا نالا علي شيخ ۽ رمضان شيخ ٻڌايا.

ميري خان جي عورت ۽ 3 ٻار آزاد نه ٿيا، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ميروخان ڀرسان ڳوٺ علي جي وانڍ جي رهواسي توفيق احمد لاشاري ۽ گهر واري ۽ ٽن ٻارن جي  مبينا اغوا خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن صحافين آڏو دانهيو ته 6 سال اڳ آءُ روزگار جي سلسلي ۾ ٻارن سان گڏجي ڪراچي جي قائد آباد ڀرسان عمر ماروي ڳوٺ ۾ رهائش اختيار ڪئي جتي خانگي سيڪيورٽي ڪمپني ۾ گارڊ طور نوڪري ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ پاليندو هيس. هن الزام لڳايو ته لاڙڪاڻي واسي منظور چانڊيو جيڪو ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ ٽائلز جو دڪاندار هو ان منهنجي گهر واري ريحانه، 15 سالن جي پٽ ريحان، 13 سالن جي ڌيءُ ڪائنات ۽ 10 ورهين جي ڌيءُ سهانه لاشاري کي اغوا ڪيو اهڙي شڪايت مون حد جي سکهن ٿاڻي جي پوليس کي ڪئي پر پوليس به منهنجي مدد نه ڪئي بعد ۾ منهنجي سهري غلام قمبر کان 2 لک روپيه وٺي گهر واري جي شادي منظور چانڊيو سان ڪرائي.  جڏهن ته ريحانه اڃان تائين منهنجي نڪاح ۾ آهي. هن چيو ته ٽي مهينا اڳ منظور چانڊيو گهر واري ۽ منهنجي ٻارڙن کي ڪراچي مان لڏائي لاڙڪاڻي شهر جي ڀينس ڪالوني واري علائقي ۾ انهن سان رهائش اختيار ڪئي کيس گهر واري ۽ ٻار واپس ڪرائڻ جو چيو جنهن تي هن ڏمرجي مون کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون اهڙي دانهن حد جي رحمت پور ٿاڻي جي پوليس کي ڏني پر هن وقت تائين گهر واري ۽ ٻار واپس ڪونه ملي سگهيا آهن جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته گهر واري ۽ ٻار واپس ڪرائي بااثر خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس همراهه کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ سهراب ڳوٺ جو رهائشي عورتاڻي آواز تي هرڪجي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيڻ کان بچي ويو  ڪراچي سهراب ڳوٺ جي رهائشي هوٽل تي ڪم ڪندڙ مزدور نديم احمد کي عورتاڻي آواز ۾ هرڪائي ڌاڙيلن پاران ڪچي ۾ گهرائڻ جي ڪوشش کي پوليس ناڪام بڻائي وڌو ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ هو ته ڪراچي جي سهراب ڳوٺ جي رهائشي هوٽل تي مزدوري ڪندڙ نوجوان موبائيل فون تي عورت جي آواز جي جادو ۾ ڦاسي مسلسل هن سان رابطي ۾ هو ۽ نوجوان کي عورتاڻي آواز ۾ هرڪائي سندس شادي ڪرڻ لاءِ ڪچي ۾ گهرايو پيو ويو.  ان دوران ٽيڪنيڪل ٽيم جي مدد سان نوجوان آگاه ڪري ٻڌايو ويو ته جنهن موبائيل نمبر تي سندس رابطو جاري آ هو ڌاڙيل ٽولي سان رابطو ڪيو پيو اچي جيڪي سندس اغوا جي پلاننگ ڪري رهيا آهن پوليس جو چوڻ هو ته نوجوان کي آگاه ڪري کين اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتوسين کي ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتوسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.