سکر ۾ نوجوان جو پاڻ کي گولي هڻي آپگهات

سکر( رپورٽر) سکر ۾ نوجوان گولي هڻي انت آڻي ڇڏيو، خبرموجب سکر سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد گوليمار روڊ جي رهواسي نوجوان ربنواز  پٽ فريد ملڪ پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته خودڪشي جو ڪارڻ اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگھيو، هوڏانهن خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي جنازي نماز پڙهڻ بعد نئون ڳوٺ قبرستان ۾ کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي، نوجوان سکر گوليمار روڊ تي رڪشن جو مستري هو، هڪ ڏينهن اڳ گولي هڻي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن کانپوءِ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.