ماٿيلي ۾ فوتي ٻار جو لاش کڻي احتجاج، لتاڙي مارڻ جو الزام

ميرپورماٿيلو(رپورٽ:پريم راٺوڙ) ڳوٺ ڪريم بخش ملڪ جا رهواسي ٻن ورهين جي ٻار جو لاش کڻي ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس اڳيان احتجاج، نيشنل هائي وي تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ، عادلپور پوليس ۽  جوابدارن خلاف ڇتي نعريبازي، جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو، تفصيل موجب ميرپورماٿيلو ويجھو ڳوٺ ڪريم بخش ملڪ جا رھواسي 2 ورھين جي معصوم ٻار محمد حسن ملڪ پٽ سومار ملڪ جو لاش کڻي سندس والدہ مسمات زينت ملڪ، اصغر، اڪبر جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس آڏو پھچي احتجاج ڪندي الزام ھنيو آھي تہ جوابدار غلام فريد ملڪ، صداقت، عادل، شمن ملڪ وارن جھيڙي دوران ٻار کي لتاڙي ماري ڇڏيو آھي.  ھنن چيو تہ ڄاڻايل جوابدارن اسان جي زمين تي قبضو ڪيو آھي اسان زمين تي ويا سين تہ جوابدارن اسان مٿان حملو ڪري ڏنو لٺيو ۽ سروٽا ھنيا جنھن پاران اسان جا 2 ماڻھو معمولي زخمي ٿي پيا ۽ حملي دوران جوابدارن اسان جو ٻار لتاڙي ماري وڌو آھي ھنن چيو تہ گھوٽڪي ٿاڻي جي پوليس نہ اسان جو ڪيس داخل ڪري ٿي ۽ نہ وري جوابدار گرفتار ڪري ٿي جيڪا اسان سان ناانصافي آھي ھنن وس وارن کان انصاف جي گھر ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.