رائنوتي ويجهو پيرسن جو شاخ مان لاش هٿ

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ڀرسان رائونتي ويجهو پيرسن شخص جو دٻ شاخ مان لاش هٿ ڪيو ويو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. خبر موجب گهوٽڪي ڀرسان رائونتي ويجهو پيرسن شخص جو دٻ شاخ مان لاش هٿ ڪيو ويو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،اوٻاوڙو جي غريب آباد محلي جي رهواسي 50 سالن جي پيرسن علي نواز ميراڻي جو دٻ شاخ ۾ لاش ڏسي ڳوٺاڻن پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن بعد رائونتي پوليس واقعي واري هند پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو..ان موقعي تي فوتي جي وارثن جو چوڻ هو ته علي نواز ميراڻي گذريل ڏينهن مڇي جي شڪار لاءِ گهران نڪتو هو جنهن جو اڄ صبع جو لاش مليو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.