فريد آباد ۾ ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل گهر پڪا نه ٿيا، ڀت ڪرڻ سبب ٻه عورتون زخمي

فريدآباد ( ن ع آ  ) 2010 واري مھا ٻوڏ ۾ تباھي ٿي ھئي ڪاڇي جي ڳوٺن ۾ پڪا گھر ٺھي نه مليا جڏهن ته فريدآباد لڳ ڳوٺ مٿين اکڪڍائي جو رھواسي  سماجي اڳواڻ رجب علي چانڊيو جي گھر جي ڪچي  ديوار ڪري پئي جنھن ۾ ھڪ عورت نجما زال عرفان چانڊيو  ۽ عظما ڌي رجب علي چانڊيو  ديوار ھيٺان اچڻ ڪري زخمي ٿي پيون جن کي ڀر وقت فريدآباد  اسپتال داخل ڪيو ويو، ھوڏانھن ڪاڇي جي سماجي اڳواڻ رجب علي چانڊيو، نويد چانڊيو  ۽ ٻين چيو ته مھا ٻوڏ کان وٺي ڪاڇي جي ڳوٺن ۾ سرڪار پڪا گھر ٺاھي ناھي سگھي، اسان ماروئڙاماڻهوَ عذاب واري زندگي گذاري رھيا آھيون، ھنن چيو ته تازو برسات به تباھي  مچائي ڇڏي ھئي، جنهن ڪري سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاھ جي حڪم تي جوھي ۾ سرڪاري گھر ٺاھي ڏنا وڃن ٿا.  ھنن چيو ته اسان غريب مسڪين پورھيت آھيون، اسان جا گھر ڪچا آهن ۽ پڪا گھر ٺاھي ڏنا وڃن، ھنن سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاھ تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ ڊي سي دادو کي اپيل ڪئي ته فريدآباد  يونين ڪائونسل ۾ پڪا گھر ٺاھي ڏنا وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.