سيٺارجا ۾ ڪيس داخل ٿيڻ خلاف سوين عزادار گرفتاري لاءِ ٿاڻي پهتا

سيٺارجا ( ن ع آ ) ڪربلا جي شهيدن جي چهلم جي موقعي تي سيٺارجا ۾ شيعا عزادارن پاران نڪتل ريلي ۾ شامل 80 کان  وڌيڪ عزادارن تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف شيعا رابطه ڪائونسل خيرپور پاران اعلانيل گرفتاريون پيش ڪرڻ جي فيصلي تحت سيٺارجا ۾ مختلف شيعا تنظيمن جي سوين ڪارڪنن مرڪزي امام بارگاھ الحسيني کان مولانه ارشاد حسين ڪاشفي، آغا طالب حسين لُنڊ، فيض علي، ظفر عباس، احسان شاھ، زوار نثار، مختيار حسين، نديم رضا، ڪاشف ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي جي صورت ۾ گرفتاريون ڏيڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتا جتي پوليس گرفتاريون وٺڻ کان انڪار ڪيو جنهن بعد سمورا ڪارڪنن ٻن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي ٿاڻي تي ويٺل رهيا بعد ۾ مرڪزي قيادت جي حڪم تي ڌرڻو ختم ڪري واپس هليا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.