سنڌ ۾ مذهبي عالمن جو قتل، بدامنيءَ جي نئين دور جو آغاز….

ايڊيٽوريل

سنڌ هڪ ڊگهي عرصي بعد سک ۽ سڪون جو ساهه پٽيو آهي، سنڌ ۾ دهشتگرديءَ جي تاريخ ڪا ڊگهي نه آهي پر جيڪا به آهي اها انتهائي ڏکائيندڙ ۽ عوام دشمن رهي آهي، جيڪا ماضيءَ ۾ لساني سياست، مذهبي سياست ۽ اقتداري سياست سميت ذاتي مفادن جي ور هلندڙ سياسي سرگرمين جي ڪري ٿيندي رهي آهي، سنڌ ۾ دهشتگرديءَ جي ڪاررواين جو نوي سيڪڙو پسمنظر لساني سياست رهيو آهي جنهن جو محور ۽ مرڪز ڪراچي شهر رهيو آهي جڏهن ته سنڌ جي ٻين شهرن ۾ دهشتگرديءَ جو پسمنظر مذهبي ڪٽر پڻو ۽ مذهبي جنونيت رهي آهي، سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ وري دهشتگرديءَ جو هڪ رخ اهڙو به رهيو آهي، جنهن جو سڌو يا اڻ سڌو تعلق ملڪ جي اقتدار ۽ اقتداري ڌرين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ پڻ رهي آهي، ملڪ ۾ جڏهن به اقتداري ڌرين جي وچ ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿيندي آهي ته سنڌ ۾ دهشتگرديءَ جون ڪارروايون شروع ٿي وينديون آهن ۽ خاص ڪري ڪراچي شهر ۾ سياسي، سماجي ۽ مذهبي ڌرين جي اڳواڻن جي  قتل جون ڪارروايون ٿيڻ اڻٽر ٿي ويندو آهي،

گذريل چنچر ۽ آچر جي وچ واري رات جو شاهه فيصل ڪالوني جي علائقي ۾ مولانا عادل کي نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن فائرنگ ڪري شديد زخمي ڪري ڇڏيو جنهن بعد مولانا عادل کي لياقت نيشنل اسپتال ۽ سندس ڊرائيور کي جناح اسپتال پهچايو ويو  پر افسوس جو ٻئي زخمن جا سور نه سهي وفات ڪري ويا، مولانا عادل جو ڪراچيءَ جي شاهه فيصل واري علائقي ۾ قتل ٿيڻ ڪراچيءَ ۾ هڪ وڏي عرصي بعد دهشتگرديءَ جي هڪ اهڙي ڪارروائي آهي جيڪا ان وقت ٿي آهي جڏهن تحريڪ انصاف حڪومت خلاف پاڪستان جي سمورين وڏين مخالف ڌر جي پارٽين پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ نالي پليٽ فارم جوڙي حڪومت مخالف تحريڪ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ پنجاب ۾ سرگرميون شروع ٿي ويون آهن ۽ هاڻي سنڌ ۾ پڻ پي ڊي ايم جي ڪاررواوين جو سلسلو شروع ٿيڻ وارو آهي،

پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف پي ڊي ايم جي سرگرمين کان اڳ تحريڪ انصاف جي هڪ وفاقي وزير پريس ڪانفرسن ڪري  اها ڳالهه وڏي واڪي ڪئي هُئي ته ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ٿي سگهن ٿيون تنهنڪري پي ڊي ايم کي حڪومت مخالف تحريڪ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ٺيڪ اهڙي بيان جي ڪجهه ئي ڏينهن بعد سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ڪراچيءَ ۾ مولانا عادل جي قتل جي واردات ٿي آهي، اڃان ان جا قاتل گرفتار ئي نه ٿيا آهن ته وري ڪراچيءَ جي لانڍيءَ جي علائقي ۾ الڪرم گهٽيءَ ۾ مسجد جي امام ۽ جمعيت علماءِ اسلام ف جي يوسي ون جي جنرل سيڪريٽري مفتي سميع الحق تي چرين جا وار ڪري کيس شديد زخمي ڪيو ويو آهي، مٿس اهڙو حملو ان وقت ٿيو جڏهن هو رات جي مسجد کان گهر روانو ٿي رهيو هو.

مولانا عادل ۽ مولانا سميع الحق تي ٿيل قاتلاڻا حملا ظاهر ظهور دهشتگردين جا اهڙا واقعا آهن جن جو مقصد ڪراچي شهر  سميت سموري سنڌ ۾ مذهبي بنيادن تي ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ ۽ سنڌ جو پرامن ماحول تباهه ۽ برباد ڪرڻ آهي ،

ٻنهي مذهبي عالمن تي ٿيل اهڙا قاتلاڻا حملا عين ان وقت ٿيا آهن، جڏهن پي ڊي ايم جون حڪومت مخالف سرگرميون ڪراچيءَ ۾ شروع ٿيڻ واريون آهن، اهڙي صورتحال ۾ هڪ وفاقي وزير جي اهڙي بيان ته ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جون ڪارروايون شروع ٿي سگهن ٿيو، صورتحال جي نزاڪت کي سنگين بڻائي رهيو آهي.

اسان اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته ملڪ جي ڪهڙي علائقي ۾ دهشتگردي ٿئي، پوءِ ڀل اها مذهبي بنيادن تي هُجي يا وري لساني بنيادن تي هُجي انتهائي مذمت جي لائق آهي ۽ اهڙو دهشت گردي جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوري ۽ سياسي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجهد جي ڏينهن ۾ ٿئي ته اها وري انتهائي شديد نموني مذمت ڪرڻ جهڙي آهي.

اسان اهو به سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪابه سياسي تحريڪ هلي ٿي ۽ اها قانون ۽ آئين جي دائري ۾ رهندي هلي ٿي ته اهڙي صورتحال ۾ وقت جي حڪومت پوءِ ڀل سياسي تحريڪ ان جي خلاف ڇو نه هُجي ان تي اهو فرض آهي ته ملڪ ۾ امن امان جي حالتن کي مقدم بڻائي  ته جيئن سياسي تحريڪ دوران ملڪ جي عوام، سياسي ڪارڪن ۽ سياسي قيادت محفوظ رهي، سياسي جدوجهد يا عمل جمهوريت جي سونهن آهي، تنهنڪري جڏهن به اهڙي ڪا تحريڪ هلي ته وقت جي حڪومت جي ڪنهن به ذميوار يا ترجمان کي اهو هرگز نه جڳائي ته اهو چوي ته ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جو وارداتون ٿي سگهن ٿيون تنهنڪري مخالف ڌر پنهنجي تحريڪ ملتوي ڪري.

ڪراچيءَ ۾ ٻنهي عالمن تي ٿيل حملن جي شديد مذمت ڪجي ٿي،  سنڌ حڪومت ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪجي ٿو ته انهن ٻنهي عالمن تي ڪيل حملن ۾ ملوث لڪل هٿن ۽ جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ملڪ ۾  حڪومت مخالف هلندڙ تحريڪ دوران سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي امن امان جون حالتون درست بنائڻ تي توجهه ڏيڻ گهرجي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.