ٻيٽن جو وڪرو: سنڌ حڪومت خاموش, سنڌ پرست سراپا احتجاج

جاويد مهر

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي ٻن ٻيٽن ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي جي وڪري خلاف سڄي سنڌ جو سياسي ماحول گرم ٿي ويو آھي,ڪجهه ڏينهن اڳ ماٺار جو شڪار قومپرست هڪ ڀيرو ٻيهر ڏکئي وقت ۾ سنڌي قوم سان گڏجي روڊن ۽ رستن تي نڪري آيا آھن، جنهنڪري ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين هلچل واري صورتحال آھي، جنهن کي ڏسي اهو اتساهه پيدا ٿيو آھي ته جيڪڏھن همٿن کان ڪم وٺجي ته دنيا جي ڪا به طاقت توهان کي شڪست نٿي ڏئي سگهي، اها ئي اها همٿ ۽ سياسي شعور آھي، جنهن سنڌ خلاف سازشون ڪندڙن کي سدائين پريشان ڪيو آھي، انهي ڪري اڳتي به اسان کي ان واٽ تي هلي مثالي جدوجهد ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته لاھا چاڙها اڃا ايندا، اهو ان ڪري ته سنڌ مالا مال ڌرتي آھي، بدقسمتيءَ سان ماضيءَ ۾ اهڙي سوچ سامهون رکي مالڪي نه ڪئي وئي، نتيجي ۾ هر ايري غيري نٿو خيري ان کي مال غنيمت سمجهي ڦرلٽ ڪئي، جنهن سان اهو تاثر اڀريو ته هتي ته ڪا مزاحمت ئي ناهي، ان ڪري يلغارن مٿان يلغار جو سلسلو جاري آھي، سو ان جي مڪمل رستا روڪ تڏھن ممڪن ٿيندي جڏھن اسان پنهنجن شهرن ۽ بحرن جي مالڪي ڪنداسين، نه ته مستقبل ۾ گورک هل جهڙو شاندار ماڳ به ترقيءَ جي نالي تي هٿن مان نڪري سگهي ٿو.

ٻيٽن واري معاملي تي ڪراچي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي دبنگ انٽريءَ کانپوءِ سنڌ حڪومت جيتوڻيڪ ظاهري طور وفاقي سرڪار آڏو احتجاج نوٽ ڪرايو آھي، پر سنڌ جي عوام آڏو اها صفائي پيش ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام وئي آھي ته آخر ڪار اهي ٻيٽ خاموشيءَ ۾ وڪرو ڪيئن ٿيا، حڪومت جي ڪجهه حامين جو چوڻ آھي ته اهي اڳوڻي فوجي آمر پرويز مشرف جي دور ۾ وڪرو ٿيا، جنهن جي اڃا ڪا تصديق نه ٿي آھي, فرض ڪجي ته ائين ٿيو به ته پ پ 12سالن کان اهڙي ڪڌي حرڪت يا اهم معاملي تي ڇو خاموش رهي ۽ هن قوم کي آگاهه ڇو نه ڪيو، انهيءَ ڪري ان الزام کي هٿي ملي ٿي ته اهي ٻيٽ مشرف نه پر پ پ جي دور ۾ وڪرو ٿيا آھن،اهو ئي شايد اهو سبب آھي جو سنڌ حڪومت واضح اسٽينڊ نه پئي وٺي، عجيب ٻڏتر جو شڪار آھي، جنهن کيس سنڌين جي نظر ۾ پراسرار بڻائي ڇڏيو آھي، نتيجي ۾ ان کي روز نئون ناٽڪ رچائڻو پئجي رهيو آھي، صدارتي آرڊيننس جاري ٿيڻ ۽ ان بعد ٿيل سخت عوامي رد عمل کي سامهون رکندي سنڌ ڪابينا ذريعي اين او سي رد ڪري وفاق سان ڳالهيون نه ڪرڻ پڻ ان ڊرامي جي ڪڙي آھي، پهريان شايد ان کي ڊرامو قرار نه ڏجي ها، پر 9 ۽ 10 آڪٽوبر تي سنڌ جي ٻن ذميوار ٽي وي چئنلن سنڌ ٽي وي نيوز ۽ ڪي ٽي اين جي ٽيم سميت صحافين جي هڪ گروپ ٻنهي ٻيٽن ويجهو پهچي صورتحال جو جائزو ورتو، ان دوران اهو انڪشاف ٿيو ته ڏنگي ٻيٽ تي ته هڪ وڏي عمارت ٺھي چڪي آھي، ان موقعي تي صحافي ڀنڊاڙ ٻيٽ ته بنا رنڊڪ پهتا، پر کين ڏنگي ٻيٽ وڃڻ نه ڏنو ويو، صدين کان آباد اتان جي مهاڻن جو چوڻ هو ته کين به ان پاسي نٿو ڇڏيو وڃي، جنهن جو مطلب ته ٻيٽن جي اين او سي واپس وٺڻ جون ڳالهيون سنڌ جي ماڻھن کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن، ڇاڪاڻ اتي ته ورهين کان ڳجهه ڳوهه ۾ اڏاوت جاري آھي، اهي رپورٽون ۽ اڏاوت ڏسي ناليواري محقق گل حسن ڪلمتيءَ سان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪيل ڳالهه ٻولهه ياد اچي وئي، جنهن ۾ هن چيو هو ته ڏنگي ٻيٽ ته 2015 ۾ بحريه ٽائون کي ڏنو ويو ھو، هاڻي ڪجهه طاقتور ڌرين جي فرمائش تي کين ڀنڊاڙ ٻيٽ به ڏنو ويو آھي، ان وقت سندس ڳالهه تي ٿورو يقين نه پئي آيو، پر ڏنگي تي اڏاوت ڏسي پڪ ٿي ته واقعي اهو ٻيٽ 5 سال اڳ ملڪ رياض جي حوالي ٿيو هوندو، ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته ڏنگيءَ ٻيٽ بعد هاڻي ڀنڊاڙ لاءِ رستو صاف ڪيو پيو وڃي، اهڙين رپورٽن کانپوءِ ان شڪ جي ڪا به گنجائش نه رهي آھي ته ان سڄي قومي چوريءَ ۾ پ پ جي سنڌ حڪومت سڌي ملوث آھي، جنهن, ڪنهن کي اها خبر ئي نه پوڻ ڏني ته هوءَ ڏنگي وڪرو ڪري چڪي آھي، جيڪا سنڌ جي عوام جي ووٽن ۽ اعتماد جي سڌي توهين آھي.

سنڌ حڪومت جي پراسرار خاموشي ۽ ڏنگي ٻيٽ تي اڏوت ان لاءِ وڌيڪ سوال پيدا ڪري ڇڏيا آھن، ڇاڪاڻ ته اين او سي واپس وٺڻ بعد سنڌ جي مفاد ۾ ان کي اهو ٻڌائڻ ۽ وضاحت ڪرڻ گهرجي ته نظر ايندڙ عمارت ڪنهن ٺھرائي ڇاڪاڻ ته ٻيٽن جي وڪري جي اين او سي ته ٽي مهينا اڳ جي آھي، ظاهر آهي ته ايڏي عمارت ايتري مختصر عرصي ۾ نٿي ٺھي سگهي، ڇاڪاڻ ته ٻيٽ تي تعميراتي سامان پهچائڻ سولو ناهي، سنڌ حڪومت جيڪڏھن سمجهي ٿي ته اين او سي واپس وٺڻ سان ٻيٽ واپس سنڌ کي ملي ويا ته پوءِ اهو ٻڌائي ته اها اتي بيوس ڇو آھي، اهي آخر ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ آھن جو ڏنگي تي نه رڳو مهاڻن پر صحافين کي به نٿو ڇڏيو وڃي. ٻيٽن واري معاملي تي ٻيا به ڪيترائي سوال پ پ کان ڪري سگهجن ٿا، جنهن مان هڪ انتهائي اهم ۽ وزنائتو سوال اهو آھي ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءَ ذريعي ان کي ڪالا باغ ڊيم جيان رد ڇو نٿو ڪيو وڃي، آخر اها ڪهڙي رنڊڪ يا طاقت آھي، جيڪاان کي اهڙي سنڌ دوست ڪم کان روڪي رهي آھي، ان ٺھراءَ سان سنڌ جي عوام کي اها به خبر پوندي ته جي ڊي اي جو ووٽ حمايت يا مخالفت ۾ اچي ٿو ته جئين هاڻي واضح ٿيندو وڃي ته ڪير ڪير سنڌ سان گڏ آھي، ڇاڪاڻ ته پ پ وانگر جي ڊي اي جي پراسرار خاموشي به سواليا نشان بڻيل آھي، رڳو سردار رحيم جي بيان کي جي ڊي اي جو پاليسي بيان نه سمجهيو ويندو ۽  اياز لطيف پليجي جي طرفان جيڪا مخالفت سامهون آئي آھي، اها به هن قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه طور ڪئي آھي، باقي سنڌ اسيمبليءَ ۾ موجود تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم لاءِ ڪجهه به نه چئبو، ڇاڪاڻ ته چڱائيءَ جي اميد پنهنجن مان ئي ڪبي آھي، ان ڪري انهن کي ميار نه ڏبي، ته اهي ٻيٽن واري معاملي تي سنڌ سان ملهائن ٿا يا نه، اصل امتحان پنهنجن جو آھي.    مٿي عرض ڪيو ته ڪراچيءَ کان وٺي ڪشمور تائين سنڌ سراپا احتجاج آھي، انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جيان عام اردو ڳالهائندڙ به ٻيٽن جهڙي اهم معاملي کان لاتعلق آھي، جيڪا نئين ڳالهه ناهي، پر هن مرحلي تي سندن سنڌ کان ڌار بيهڻ وڌيڪ خطرناڪ آھي، ڇاڪاڻ ته ترقي جي نالي تي کسجندڙ ٻئي ٻيٽ ڪراچي ۾ آھن، جتي جيڪڏھن پنجاب، ڪي پي ۽ گلگت بلتستان جا ماڻھو آڻي کين ٻيٽن تي ٺھندڙ شھرن ۾ آباد ڪيو وڃي ٿو ته ان سان شهر جي آبادي جو توازن اوچتو تبديل ٿيندو، وسيلا ورهائجي ويندا، مقامي نوڪرين تي ڌاڙا لڳندا، مڪاني ادارن ۾ غير مقامي ماڻھو ايندا ۽ ائين سنڌ اسيمبلي يا قومي اسيمبليءَ ۾ به ڪراچيءَ مان غير مقامي ماڻھن جي گهڻائي چونڊرائي ويندي، ان باوجود اردو ڳالهائيندڙن جي خاموشيءَ مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اهي پنهنجي مستقبل کان اڻڄاڻ آھن، جن کي سنڌين جي ڪراچيءَ ۾ موجودگيءَ تي ته ڀڙڪايو وڃي ٿو، پر ان ايم ڪيو ايم کي صوبي کان ٻاهر آيل ماڻھن تي ڪو اعتراض ناهي، معنيٰ هر ان عمل جي حمايت ڪرڻي آھي، جنهن جي سنڌي مخالفت ڪندا، ان ڪري ٻيٽن واري معاملي گهڻن جي اصليت ظاهر ڪري ڇڏي آھي.

اهڙي صورتحال ۾ سنڌين کي ٻيٽن واري معاملي تي اڪيلي سر منظم احتجاج ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته هن ڀيري لڳي ٿو ته پ پ به اقتدار جي مجبورين جي ڪري گڏ نه هوندي، ڏنگي ٻيٽ تي اڏاوتي ڪم ان جو چٽو ثبوت آھي، ڀلي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري يا وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ڪيتري به وضاحت ڪن، سنڌ حڪومت جي چوري پڪڙجي چڪي آھي، ان ڪري سنڌ جي سمورن قومپرستن مٿان اها وڏي ذميواري پئجي وئي آھي ته اهي وڌ کان وڌ گڏيل احتجاج ڪن ۽ اهي به ڪراچيءَ ۾ ٿين، ڇاڪاڻ ته پاڻ اڳ ئي چئي چڪا آھيون ته جيستائين ڪراچي کي مرڪز نه بڻائنداسين تيستائين مسئلا وڌندا ويندا، ان ڪري جسقم, قومي عوامي تحريڪ، ايس يو پي توڙي ٻين ڌرين جي احتجاج جي اعلانن جي آجيان ڪندي کين صلاح ڏجي ٿي ته اهي مڪمل سگهه سان اڳتي اچن، ڇاڪاڻ ته عوامي تحريڪ ۽ ايس ٽي پي ڪراچي ۾ جيڪو ٽيمپو ٺاهيو آھي، اهو برقرار رهڻ گهرجي، ماڻھن جو تعداد ٻنهي پارٽين کان وڌيڪ نه هجي ته پوءِ گهٽ به نه هجي ته جيئن مخالف اهو تاثر نه ڏئي سگهن ٿا ته سنڌ جي ماڻهن جي ٻيٽن بابت ڪاوڙ گهٽجي رهي آھي، انهي ڪري قومپرستن کي ڪراچيءَ ۾ مقامي سنڌين ۽ بلوچن جي شرڪت وڌ کان وڌ يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي, جنهن  ڏانهن ورهين کان ڌيان نه ڏيڻ جي ڪري ايس ٽي پي جي هڙتال کي سنڌي بلوچ وسندين ۾ صفا موٽ نه ملي, جيڪو زبردست احتجاج کانپوءِ غلط تاثر ويو, ان سان گڏوگڏ ان ڳالهه کي خاص طور يقيني بڻايو وڃي ته مهاڻن کي احتجاجن ۾ منظم طريقي سان آندو وڃي، ڇاڪاڻ ته اسان دعويدار آھيون ته جيڪڏھن ٻيٽن تي شهراڏيا ويا ته لکين مهاڻا بيروزگار ٿي ويندا، ان سلسلي ۾ فشر فوڪ جي چيئرمين محمد علي شاهه سان رابطو ڪري مدد ورتي وڃي ته بهتر رهندو.

اچو ته سڄي سنڌ جي عوام سان گڏجي پ پ کان سوال ڪيون ته هن سنڌ جي ٻيٽن جو سودو ڪهڙي قيمت تي ڪيو آھي، ڇاڪاڻ ته ٻيٽن جو وڪرو سنڌ جي ورهاڱي يا ڪراچيءَ تي قبضي جي پهرين خطرناڪ وک آھي، پ پ جي اهڙي غير سنجيده قدم هاڻي اسان جي ان دليل کي به ڪمزور ڪري ڇڏيو ته ”ڪجهه به ٿئي پ پ سنڌ جي مفادن جو سودو نه ڪندي“ لڳي ٿو ته هاڻي سنڌ جي ماڻھن کي مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جي نعري جو مطلب ”آھستي آھستي سڀ ڪجهه ڏيسون“ وٺڻ گهرجي، جيڪڏھن پ پ اهڙن الزامن کان بچڻ چاهي ٿي ته ٻيٽن واري معاملي تي پاليسي بيان جاري ڪري پنهنجي پوزيشن واضح ڪري نه ته سنڌ جا ماڻھو ان کي خاموش حمايت سمجهندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.