پاڻ مرادو نوٽيس جي مد ۾ آيل وزير اعظم عمران خان

ايڊووڪيٽ امر امتياز

پاڪستان جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ  ميڊيا تي خبرون ڪجهه ھن ريت نشرواشاعت ٿيون ته وزيراعظم عمران خان کي هڪ سياسي جماعت جي وِنگ جي تقريب ۾ شرڪت ڳچيءَ ۾ پئجي وئي، سپريم ڪورٽ وزيراعظم عمران کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ۽  سپريم ڪورٽ وزير اعظم عمران خان، اٽارني جنرل، ايڊوڪيٽ جنرل پنجاب، ڪنوينشن سينٽر جي انچارج ۽ لاڳاپيل وزارتن کي انصاف لائيرز فورم جي ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيل تقريب واري معاملي تي نوٽس جاري ڪري ڇڏيا، ان معاملي کي سنجيدگيءَ سان ٻڌڻ لاءِ ايندڙ ٻڌڻي ڪنهن ٻي بينچ آڏو مقرر ڪرڻ لاءِ معاملو چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏيو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس امين الدين خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ نوٽيس جاري ڪيا ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاڻ مرادو نوٽيس وٺي ريمارڪس ڏيندي اھو پڻ چيو ته وزيراعظم سڄي ملڪ جو هوندو آهي، هو پاڻ کي ڪنهن سياسي جماعت جي وِنگ سان نٿو ڳنڍي سگهي، هي معاملو پاڻ مرادو نوٽيس لاءِ چيف جسٽس ڏانهن اُماڻي رهيا آهيون، ڇوته ڪورٽ  وزيراعظم کان اھو پڇڻ جو حق رکي ٿي ته رياستي وسيلن جو غلط استعمال ڇو ڪري رهيو آهي؟، هي معاملو آئين جي تشريح ۽ بُنيادي حقن جو آهي، سپريم ڪورٽ معاملي تي 5 رڪني بئنچ جوڙڻ لاءِ عدالتي حڪم نامو چيف جسٽس ڏانهن اُماڻي ڇڏيو.

اھا ڳالھه واضع آھي ته وزيراعظم عمران خان کي ڪنوينشن سينٽر ۾ وڪيلن جي هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ تي نوٽيس جاري ڪيو ويو آھي ۽ پڻ اٽارني جنرل آف پاڪستان کي معاونت لاءِ نوٽيس ڏنو ويو آھي. جيئن معاملي کي سنجيدگيءَ سان ڏٺو وڃي، عدالت اي جي پنجاب، ڪنوينشن سينٽر انچارج ۽ لاڳاپيل وزارتن کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آھن، مزي جي ڳالھه اھا ته مون وارا وڪيل ڪليگ في الحال قاضي فائز عيسئ واري ورتل  ھن نوٽيس تي چيف صاحب تي ڇوھه ڇنڊي رھيا آھن پر اھا به حقيقت آھي ته پاڪستان جي عوام جي ٽيڪسن جو پيسو آخر اھڙي ريت ڇو پيو تباھ ڪيو وڃي پنھنجي سياسي شطرنج جي بساط کي بچائڻ لاءِ جيڪڏهن ھمدردي حاصل ڪرڻي ئي آھي ته پو پنھنجي ذاتي خزاني مان ڀلي لک لٽايو باقي سرڪار قومي خزاني ۾ پيسو قوم جي امانت آھي ان کي اوھان ايئن نٿا اڏائي سگھو. پاڪستان ۾ ان انصاف لائيرس ڪنوينشن بعد ماھراڻي راءِ کي نظر ۾ رکندي قانوني ۽ آئيني ماهرن چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان کي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آڏو اقراري بيان  لکڻ ئي بهترين آپشن آهي نه ته هو به گيلاني وانگر گهر ڀيڙو ٿي ويندو، جڏهن ته ڪجهه ناميارن وڪيلن جن جو تعلق گهٽ ۾ گهٽ انصاف لائيرس فورم سان ناھي انھن جي نظر ۾ آهي ته جلد چونڊون ئي بحران مان ڪڍي سگهن ٿيون،ان ڪنوينشن جي مد ۾ جڏھن جڊيشل راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ ڪجهه جج دوستن  کان جڏھن سوال ڪيم جن ڳوڙھو ويچار ڪندي چيو ته ھي ته پاڪستان جي تاريخ جو بدقسمت ڏينهن آهي پھريان به ملڪ جي وزير اعظم کي اھڙي حرڪت تي فارغ ڪيو ويو ھاڻ به ٻئي وزير اعظم کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.

هاڻي اهو ڏسڻو آهي ته وزير اعظم پاران اڳين تاريخ تي ڪهڙو جواب اچي ٿو،جيڪڏهن مناسب جواب نه آيو ته ٺيڪ نه  ته وزير اعظم جي وڃڻ جي صورت ۾ ملڪ ۾ ٻيھر سياسي عدم استحڪام ايندو، جڏھن ان سموري معاملي کي مفڪرن اديبن سماجي سوشل ورڪرن سياسي ۽ قانوني بصيرت رکڻ واري عام جنتا کان ويچاريو ويو ته انھن پنھنجي عقل پٽاندڙ پنھنجو عقل استعمال ڪندي چيو ته ملڪ ۾ هن وقت غير يقيني واري صورتحال آهي، ھن وقت ملڪ جي مڙني معاملن سان گڏ قومي خزاني جون حالتون بگڙيل آھن ۽ ان سموري صورتحال ۾ سرڪاري خرچن تي ذاتي پارٽيءَ جا پروگرام آرگنائيز ڪرڻ ڳڻتي جوڳو آھي.. سپريم ڪورٽ ۾ قاضي فائز جو ھڪ جملو اھو به ھيو ته اٽارني جنرل احمد اويس هن عدالت ۾ پيش نه ٿي رهيو آهي پر ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيل هڪ سياسي فنڪشن ۾ موجود هجي ٿو، اوهان کي علم هجڻ گهرجي ته ايڊوڪيٽ جنرل ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جو پر سڄي صوبي جو هوندو آهي، ان فنڪشن ۾ وزير اعظم به شريڪ ٿيو جڏهن ته وزير اعظم به ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جو نه پر پوري ملڪ جو وزير اعظم هوندو آهي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ برهمي ڪندي چيو ته هن معاملي تي پاڪستان بار ڪونسل جي وائيس چيئرمين، صدر سپريم ڪورٽ بار ۽ ايڊوڪيٽ جنرل کي هاڻي ئي طلب ڪريون ٿا، ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل پنجاب قاسم چوهاڻ چيو ته اهو فنڪشن هڪ سياسي جماعت جو هيو، آئين جي شق 17 تحت جلسا جلوس ڪرڻ جي هر ڪنهن کي اجازت آهي،ان وڪيلن جي فنڪشن ۾ احمد اويس بطور وڪيل شرڪت ڪئي. تنھن تي جسٽس قاضي فائز عيسي چيو ته اوهان ٻڌايو ته ڇا وزير اعظم ۽ ايڊوڪيٽ جنرل ان تقريب ۾ وڃڻ گهرجي ها، اوهان جيڪڏهن جواب ڏيندا ته شايد اوهان جي نوڪري هلي وڃي، پر اسانجي آڏو قانون کان مٿانهون ڪير به ناهي. ان سموري بحث دوران  قاسم چوهاڻ چيو ته منهجي مقرري سياسي ناهي مان ان فنڪشن ۾ نه ويو هوس نه ان جي وڊيو ڏٺي آهي، جسٽس قاضي فائز عيسي ھڪ اھو به سوال اٿاريو ته ڇا اسلامڪ ريپبلڪ آف پاڪستان ۾ ايئن ٿي سگهي ٿو؟ يا اوهان پنهنجي راءِ ڏيڻ کان ڪيٻايو ٿا، قرآن پاڪ ۾ واضع لکيل آهي ته گواهي ڏيو بي شڪ اوهان جا والدين مخالف ڇو نه هجن. تنھن تي  ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل جواب ڏيندي چيو ته مان پنجاب حڪومت جي نمائندگي ڪريان پيو وزير اعظم بابت رائي نٿو ڏئي سگهان. جسٽس قاضي فائز صاحب اھو پڻ چيو ته  وزير اعظم جو رتبو تمام وڏو هوندو آهي، هو جيڪڏهن اها تقريب ڪنهن خانگي هوٽل ۾ ڪري ها ته معاملو ڪجهه ٻيو هو، هن تقريب لاءِ ٽيڪس ادا ڪندڙن جو پيسو ۽ روينيو استعمال ٿيو آهي، ۽ اوھان ايڊوڪيٽ جنرل پنجاب جون به ڪجهه ذميواريون آهن هو اهڙي فنڪشن ۾ شامل ٿيو آهي جنهن جو هن سان ڪو تعلق ناهي. اهو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ انهن کي اهڙين سرگرمين کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽  وزير اعظم پوري ملڪ مان ووٽ حاصل ڪري وزير اعظم ٿيو آهي هو ڪنهن هڪ سياسي پارٽي جو وزير اعظم ناهي. ڇا وزير اعظم جو معيار ايتر گهٽجي ويو آهي؟ جو پاڻ کي ڪنهن سياسي پارٽي سان وابسطا ڪري، ڇا ايئن ڪو جج ڪنهن سياسي جماعت جي فنڪشن ۾ وڃي سگهي ٿو؟ ڇا ان حوالي سان ڪوئي قانوني معيار آهي يا نه ۽ ھي ڇا ته نجي تقريب لاءِ سرڪاري عمارت جو استعمال ٿئي ٿو ڪھڙي قانون تحت ، اسلام آباد جي انتظاميا ٻڌائي ته ڇا ڪنوينشن سينٽر جي فيس ادا ڪئي وئي، ۽ اھو به ته ايڊوڪيٽ جنرل پنهنجي پروفيشنل ذميواريون پوريون ڪرڻ بجاءِ هڪ سياسي جماعت جي تقريب ۾ وڃي ويهي ٿو، بظاهرايڊوڪيٽ جنرل صوبي جي مفاد جو دفاع ڪرڻ جو اهل ناهي. جسٽس چيو ته هن معاملي ۾ عدالت جي رهنمائي ڪئي وڃي ته ڇا وزير اعظم اهڙي ڪنهن تقريب ۾ وڃي سگهي ٿو؟ ڇا وزير اعظم جو حلف ۽ قانون جون لاڳاپيل شقون وزير اعظم کي اهڙو قدم کڻڻ جي اجازت ڏين ٿيون؟ ڇا وزير اعظم سرڪاري خرچ تي خانگي تقريب ۾ شرڪت ڪري سگهي ٿو؟. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ان حوالي سان وزير اعظم عمران خان، اٽارني جنرل، ايڊوڪيٽ جنرل، اسلام آباد جي انتظاميا سميت ڪنوينشن سينٽر جي انتظاميا کي پڻ نوٽس جاري ڪري ڇڏيا ۽ ايندڙ ٻڌڻي ٻي ڪنهن بئنچ ۾ مقرر ڪرڻ لاءِ معاملو چيف جسٽس ڏانهن موڪليندي آبزرويشن ڏني ته ايندڙ ٻڌڻي ڪنهن ٻئي بئنچ آڏو مقرر ڪئي وڃي. ھاڻ معاملي جي سنگيني کي  نظر ۾ رکندي سڀني ماڻھن جي جواب تائين موڪلايون ٿا ۽ انتظار ڪريون ٿا ته عدالت عظمي ۾ جواب ڇاٿو اچي ۽ اوستائين انصاف لائيرس فورم وارا منھنجا يار ڪھڙا حوال ٿا ڪٽن بحر حال معاملو سنگين نوعيت جو آھي..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.