زيد پيرزادي جي نظم ”انتظار“ جو تنقيدي جائزو

ڊاڪٽر شير مهراڻي

(اڄ نامياري ترقي پسند شاعر ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ مائيڪرو بائلاجي جي پروفيسر ڊاڪٽر زيد پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي جنهن جي مناسبت سان ڊاڪٽر شير مهراڻي جو سندس شاعري تي ڪيل تنقيدي جائزو پيش ڪجي ٿو.)

 

زيد پيرزادي صاحب جي شاعريءَ جو ڪتاب ”خيال“ تازو ئي ڇپجي سامهون آيو آهي. زيد صاحب ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي ۽ مشهور دانشور ۽ ترقي پسند شاعر انور پيرزادي جو پٽ آهي. سندس وڏو ڀاءُ زرار پيرزادو سينئر صحافي هجڻ سان گڏ بهترين ڪالم نگار آهي، سندس ڪتاب پڻ تازو شايع ٿيو آهي. جڏهن ته زيد صاحب جو ننڍو ڀاءُ امر پيرزادو پڻ جديد رومانوي ۽ فيمينسٽ شاعر آهي. هتي آئون زيد پيرزادي صاحب جي ڪتاب، “خيال” مان هڪ نظم ”انتظار“ جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو پيش ڪريان ٿو.

فرد جي مختلف ڪيفيتين مان ”انتظار“ به هڪ ڪيفيت آهي. سوال اهو پئدا ٿو ٿئي آخر انتظار آهي ڇا؟

ڪنهن جي اچڻ جي اميد؛ ڪنهن جي ملڻ جي آسري؛ يا ڪنهن جي آمد يا گڏجڻ جي آرزو کي انتظار چئبو آهي. انتظار هڪ ڪيفيت آهي. هڪ اهڙي ڪيفيت جنهن ۾ فرد بيچين رهي ٿو. انتظار شروع کان وٺي شاعريءَ جوتمام وڏو موضوع رهيو آهي. شاھ سائين جي سر مومل راڻي ۾ مومل پاران راڻي جو ڪيل انتظار هجي؛ جنهن ۾ مومل جو اهو چوڻ ته، ”اڀي اڀاريام، نکٽ سڀ نيئي ويا“ يعني مومل پيرن جي پٻن تي بيهي سڄي رات راڻي جو انتظار ڪيو آهي. يا سر عمر مارئي ۾ مارئي جو عمر جي قيد مان نڪرڻ جو انتظار؛(منهنجي آهه اها ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي) سر سامونڊيءَ ۾ سامونڊين جي ونين جو پنهنجن ورن جو انتظار هجي (مان منهنجو هوءِ جاني ان جهاز ۾) يا سر گهاتو ۾ مورڙي جو پنهنجن ڀائرن جي موٽي اچڻ جو انتظار؛ (خبر ڪو نه ڏئي ته رڇ ڪڄاڙي رنڊيا) يا وري انگريزيءَ ۾ سيموئيل بڪيٽ جي مشهور ڊرامي ”ويٽنگ فار گوڊو“ ۾ بيان ڪيل انتظار؛ جنهن جا مکيه ڪردار ”گوڊو“ جو انتظار ڪندي عمر گذاري ڇڏين ٿا. جڏهن ته گوڊو آخر تائين نٿو اچي. باوجود ان جي هو سموري ڊرامي ۾ گوڊو جي اچڻ جو انتظار ڪن ٿا ۽ کين وڏي اميد هوندي آهي ته ”گوڊو“ ايندو، پر هو نٿو اچي. انتظار جا اهي سڀ نمونا توڙي جو هڪٻئي کان ٿورڙو ڌار آهن پر ان جي باوجود انهن ۾ هڪ هڪجهڙائي موجود آهي. اها هڪجهڙائي آهي ”اميد“. انتظار هميشه ڪنهن اميد تي ڪيو ويندو آهي.

زيد پيرزادي جو نظم ”انتظار“ هن ريت آهي.

جسم جي ريس تي

گهر منهنجي جي هر شئي به

قابوءَ منهنجي کان

ٻاهر نڪري وئي آهي.

عجب جي نشانيءَ وانگر

حيران ٿي وئي آهي

ويران ٿي وئي آهي

منهنجو رڌڻو

تولاءِ ٺهندڙ

چانهه جي مهڪ سنگهڻ لاءِ

بيتاب آهي

فرش تنهنجي قدمن جي زورن سان

پنهنجو صدين جو ٿڪ

لاهڻ ٿو چاهي

صوفا توکي ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ آتا آهن

ٽنگيل نوان وڳا

نفرت وچان ٿا

مونڏي تڪين

ڪنگي کان وارن جي ياد

وسري وئي آهي

ڪئلينڊر هوا بهاني

ايندڙ وقت طرف

اڏرڻ ٿو چاهي.

توکان مايوس ٿي

بلب جي روشني به

جهڪي ٿي وئي آهي

پکو به

بيزاري مان ٿو هوا ڏي.

موبائيل جي گهنٽي

مستقل منهنجو مذاق ٿي اڏائي

تون هيڪر اچ

مونکي نه سهي

منهنجي چوگرد ڦهليل

هن بيچينيءَ کي

ڪو چين ڏئي وڃ

ڪو آرام ڏئي وڃ.

هن نظم ۾ شاعر پنهنجي پاڻ سان گڏ نون(9) اهڙين شين کي انتظار جي ڪيفيت ۾ ڏيکاريو آهي؛ جيڪي بظاهر ته بيجان آهن، پر شاعر جي تخليقي ڪائنات ۾ داخل ٿي اهي نون ئي شيون جيئريون ٿي پيون آهن. جن شين کي شاعر پنهنجي تخليقي سگهه سان جيئرو ڪري ٿو؛ انهن ۾ ”رڌڻو“، ”فرش“، ”صوفا“، ”ٽنگيل ڪپڙا“، ”ڪنگو“، ”ڪئلينڊر“، ”بلب“، ”پکو“ ۽ ”موبائيل فون جي گهنٽي“ شامل آهن. هن نظم ۾ شاعر اهي نون ئي شيون استعارن جي طور تي استعمال ڪيون آهن ۽ انهن مان نيون معنائون بلڪه ڪيفيتون پڻ پئدا ڪيون آهن. انهن نون ئي شين جي مرڪزي ڪيفيت “انتظار” آهي.

زيد پيرزادي صاحب پنهنجي هن نظم ۾ جتي رواني ۽ تسلسل برقرار رکيو آهي اتي صنعت تجسيم جو به تمام خوبصورت استعمال ڪيو آهي، ۽ نظم ۾ ڪتب آندل نون ئي شيون يعني”رڌڻو“، ”فرش“، ”صوفا“، ”ٽنگيل ڪپڙا“، ”ڪنگو“، ”ڪئلينڊر“، ”بلب“، ”پکو“ ۽ ”موبائيل فون جي گهنٽي“  الڳ الڳ ۽ جيئرا ڪردار ٿي سامهون آيا آهن. جيڪي شاعر جي اڪيلائيءَ ۾ ساٿي بڻجي کيس آٿٿ ڏين ٿا.

فڪري طور هيءُ نظم تمام گهڻو سگهارو آهي. ڇاڪاڻ ته هن نظم ۾ تخليق ڪيل ڪيفيت “انتظار” اصل ۾ شاعر جي پنهنجي ڪيفيت آهي؛ پر اهو شاعر جو ڪمال آهي جو هو پنهنجي ڪيفيت ۾ پنهنجي چوڌاري موجود شين کي به شامل ڪري وٺي ٿو. نفسياتي طور تي ٻين شين کي پنهنجي ڪيفيت ۾ شامل ڪرڻ هڪ هاڪاري سرگرمي آهي. هن نظم ۾ شاعر وڇوڙي تي ”آهه و بُقا“، ”ائلي گهوڙا“(اي علي گهوڙا) ڪرڻ بدران انتهائي نفاست سان پنهنجي چوڌاري موجود شين جي ڪيفيت لکي آهي. هن نظم مان ثابت ٿئي ٿو ته شاعر بنيادي طور تي مضبوط شعور جو مالڪ آهي ۽ هو پنهنجي شخصيت کي ”انتظار“ جي عذابناڪ ڪيفيت جي وهڪري ۾ لڙهڻ نٿو ڏئي. هو هن نظم ۾ ”ڊفينس مڪينزم“ ڪتب آڻي ٿو. نفسيات جي ماهرن خاص طور تي فرائيڊ پنهنجي سائيڪو ڊائنامڪ ٿيوري ۾ فرد جا ڪيترائي ”ڊفينس مڪينزم“ ٻڌايا آهن، جيڪي فرد کي مختلف ڪيفيتن مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن.                   (هلندڙ)

 

هن نظم ۾ شاعر گهٽ ۾ گهٽ ٻه ”ڊفينس مڪينزم“ ڪتب آندا آهن. ڊفينس مڪينزم جو اصطلاح پهريون ڀيرو فرائيڊ 1894ع ۾ پنهنجي تحقيقي ڪم “The Neuro-Psychoses of Defence” ۾ ڪتب آندو، جنهن مان سندس مراد هئي ته مختلف ڪيفيتن ۾ اِڊ (نفساني خواهش) فرد کان عجيب ماڻو/گهُر ڪري ويهندي آهي، جنهن جو پوراءُ سماجي توڙي اخلاقي بندشن سبب نامناسب هوندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ فرد جي اندر ئي موجود هڪ ٻي قوت يعني انا يا ايگو اِڊِ جي ان ماڻي کي روڪي وٺندي آهي. ايگو پاران اڊِ جي اڀاريل نفساني خواهش کي روڪڻ واري جبلت جو نالو فرائيڊ ”ڊفينس مڪينزم“ رکيو هو. بلڪه فرائيڊ هڪ مثال وسيلي ان صورتحال کي وڌيڪ چٽو ڪيو هو ته فرد جي انا يا ايگو هڪ گهڙي سوار وانگر آهي ۽ ان جي اِڊ گهوڙي وانگر آهي. سوار جي لاءِ لازمي آهي ته هو پنهنجي منزل تي رسڻ لاءِ گهوڙي کي پنهنجي قبضي ۾ رکي ٻي صورت ۾ گهوڙو ڪنهن به وقت ڪيڏانهن به وڃي سگهي ٿو ۽ سوار پنهنجي منزل تي نه پهچي سگهندو. بلڪه فرائيڊ ائين به چيو هو ته گهوڙي سوار پاڻ به گهوڙي جي مدد کانسواءِ ڪيڏانهن به نٿو وڃي سگهي. يعني فرد جي انا جيڪا اڪثر ان جي اڊ کي سنڀالي ٿي اها خود اڊ جي سهڪار کانسواءِ به ڪجهه نٿي ڪري سگهي. جنهن تي بعد ۾ سندس ڌيءَ ائنا فرائيڊ به گهڻو ڪم ڪيو. ڊفينس مڪينزم جي حوالي سان فرائيڊ جي ڌيءَ ائنا فرائيڊ جو ڪتاب ”دي ايگو اينڊ دي مڪينزم آف ڊفينس“ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيو. ”ڊفينس مڪينزم“ جي استعمال سان فرد سماج ۾ ٿيندڙ بي راه روين کي به روڪي سگهي ٿو ته پنهنجي شخصيت کي هاڪاري انداز سان هڪ وڻندڙ شخصيت ٺاهي سگهي ٿو. اڪثر ماڻهو ڊفينس مڪينزم استعمال ڪري پنهنجي اندر جي آنڌ مانڌ ۽ ڪروڌ کي به ماٺو ڪري وٺندا آهن. نفسياتدان هن وقت تائين سئو جي لڳ ڀڳ ”ڊفينس مڪينزم“ دريافت ڪري چڪا آهن. آئون هتي لفظ ”دريافت“ انڪري استعمال ڪري رهيو آهيان جو فرد جي اندر اهي ڪيفيتون يا قوتون اڳ ئي فطري طور موجود هونديون آهن؛ هو صرف انهن کي ڪتب آڻيندو آهي. گهڻن ماڻهن کي ته ان سگهه يا قوت جي موجودگيءَ جو احساس به ناهي ٿيندو، پر هو پاڻ کي سنڀالي وٺندا آهن. گهڻو ڪري فرد ”ڊفينس مڪينزم“ جو استعمال پنهنجي شخصيت کي ٽٽڻ کان بچائڻ لاءِ ڪندا آهن.

هو پنهنجي هن نظم ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ”ڊفينس مڪينزم“ ڪتب آڻي ٿو. هڪ ”فئنٽيسي“ ٻيو، ”ڊسپليسمينٽ“. فئنٽيسي ۾ فرد جڏهن ڪنهن سخت مونجهاري جو شڪار ٿي ويندو آهي ته هو پنهنجي پاڻ کي ان ڪيفيت مان ڪڍڻ لاءِ ”خيالي فرار“ تخليق ڪري وٺندو آهي. ۽ اهڙي خيال فرار جي مدد سان هو نفسياتي طور تي ٽٽڻ کان محفوظ ٿي ويندو آهي. هن نظم ۾ به شاعر ”انتظار“ جي شدت کي ”خيالي فرار“ جي وسيلي ونڊي ورهائي ماٺو ڪري وٺي ٿو. ۽ چوي ٿو ته ”صرف آئون ئي تنهنجو انتظار نٿو ڪريان، پر منهنجي ريس تي منهنجو ”رڌڻو“، “فرش“، ”صوفا“، ”ٽنگيل ڪپڙا“، ”ڪنگو“، ”ڪئلينڊر“، ”بلب“، ”پکو“ ۽ ”موبائيل فون جي گهنٽي“ سڀ تنهنجو انتظار ڪن ٿا. تون اچ ۽ انهن جي بيچيني ختم ڪري وڃ.“ اها شاعر جي فئنٽيسي آهي. جنهن ۾ هو خيالي طور تي پنهنجي ڪيفيت ۾ ٻين شين کي شامل ڪري وٺي ٿو. هن نظم ۾ شاعر فئنٽيسي کان سواءِ ”ڊسپليسمينٽ“ جو ’ڊفينس مڪينزم‘ ڪتب آڻي ٿو. ڊسپليسمينٽ جي ڊفينس مڪينزم تحت فرد ڪنهن اڻوڻندڙ ڪيفيت جو سنئون سڌو اظهار پنهنجي ذات جي توسط سان ڪرڻ بدران ٻين شين جي مدد سان پنهنجي مقصد جي ڳالهه ڪري وٺندو آهي.

هن نظم ۾ شاعر پنهنجي انتظار واري ڪيفيت جو سنئون سڌو اظهار نٿو ڪري بلڪه ٻين شين جي مدد سان پنهنجي ڪيفيت جي اظهار لاءِ مناسب طريقو ڪتب آڻي ٿو، جنهن سان نظم ۾ شعري حسن به موجود رهي ٿو ته ڪيفيت جو زيبائتو اظهار به ٿي وڃي ٿو. يعني شاعر هن نظم ۾ پنهنجي بيچينيءَ جو سنئون سڌو اظهار نٿو ڪري، بلڪه پاڻ سان منسوب مختلف شين وسيلي هو پنهنجي اندر جي ”خواهش“ جو اظهار ڪري ٿو. اهڙي اظهار سان فرد جي اندر ۾ موجود اڻ تڻ ۽ ڳڻتيءَ جي شدت خود بخود گهٽ ٿي وڃي ٿي ۽ شاعر پنهنجي تخيل وسيلي پاڻ کي اڳي کان به وڌيڪ سگهارو بڻائي وٺي ٿو.

نظم ”انتظار“ ۾ به اهڙي ئي ڪيفيت آهي. جنهن ۾ شاعر پنهنجي اندر جي ڪرب ۽ وڇوڙي جي درد جو سنيهو پنهنجي محبوب ڏانهن موڪلڻ لاءِ پاڻ سان وابسطه غير جاندار شين کي جاندار ڪري پيش ڪري ٿو؛ جنهن سان درد کي سونهن ۽ حسن ملي پوي ٿو. هن نظم ۾ جهڙي ريت شاعر پنهنجي ڪيفيت ۾ ٻين شين کي شامل ڪري ورتو آهي؛ ان کي گهرائي سان ڏسڻ کانپوءِ وڇوڙي جو درد بلڪل مڌم ٿي ويو آهي.

هن نظم ۾ شاعر پنهنجي ڏک ۾ آسپاس جي شين کي شامل ڪري ان جي شدت کي گهٽائي ڇڏي ٿو ۽ ٻين جي لاءِ اهو پيغام ٿو ڇڏي ته جيڪڏهن پنهنجي درد ۽ اڪيلائيءَ ۾ ٻين شين کي شامل ڪيو ويندو ته اڪيلائيءَ جي عذاب کان بچي سگهجي ٿو. شاعر جو ڪمال اهو آهي ته هو پنهنجي انتظار يا اڪيلائي ۾ آسپاس جي ماڻهن کي شامل نٿو ڪري بلڪه هو بيجان شين مان اهو ڪم وٺي ٿو. ڇاڪاڻ ته هو آگاهه آهي ته لطيف سائين به چيو هو ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿيون، پر سين مون نه ڪيون، گوشي گڏيا نه سپرين“ يعني اهي ڳالهيون پراون/غيرن سان ڪرڻ جون ناهن، ڀلي جي اهي ڳالهيون اندر ئي اندر ۾ وڌي وڻ ڇو نه ٿي وڃن.

(مون نظم ”انتظار“ تي هڪ ريسرچ پيپر لکي ان جو تفصيلي تنقيدي جائزو ورتو آهي. اهو ريسرچ پيپر جلد ڪنهن تحقيقي جرنل ۾ شايع ٿيندو. هتي صرف ان مان چونڊ ٽڪرا ڏنا آهن)

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.