ٽائيگر فورس نه، اٽو ۽ کنڊ سستي ڪريو: سراج الحق

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق جي اپيل تي پوري ملڪ ۾ “يوم يڪجهتي ڪراچي ”  ملهايو ويو. ڪراچي سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي حوالي سان ڪراچي کان خيبر تائين ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون جلسا ، جلوس ۽ سيمينار منعقد ڪيا ويا. جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق ۽ جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان وفاقي دارالحڪومت اسلام آباد ۾ ريلي جي قيادت ڪئي،اسلام آباد ۾ ريلي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته جيڪڏهن حڪمرانن ڪراچي جا حق ادا نه ڪيا ۽ ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ ڌيان  نه ڏنو ته عوام حڪمرانن جي عالي شان بنگلن ، محلن جو گهيراءُ ڪندو ۽ پوءِ نااهل حڪمرانن کي ڀڃڻ جو به موقعو نه ملي سگهندو،هن چيو ته قوم کي ٽائيگر فورس جي نه، اٽو،کنڊ ۽ سستين دوائن جي ضرورت آهي، ڪراچي جي عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو، اسان احتساب ڪنداسين،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.