سکر ۾ هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم

سکر ( رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل تصور روز مره جي استعمال ۾ ايندڙ کاڌي پيتي جي شين جا نوان اگهه مقرر ڪندي خبردار ڪيو  آهي ته هٿرادو مهانگائي ۽ ذخيره اندوزن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ ڊي سي آفيس  ۾ پرائيس ڪنٽرول ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ بيورو آف سپلائيز آفيسرن، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرن، اسسٽنٽ ڪمشنرن، هول سيل ۽ سمال ٽريڊرز ايسوسئيشن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل تصور عام واهپي جي شين جا نوان اگهه مقرر ڪيا جن تي سختيءَ سان عملدرآمد ڪرائڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون. نون اگهن مطابق دال مسور هڪ نمبر هول سيل 140 رپيا ۽ رٽيل 155 رپيا، دال مسور 2 نمبر هول سيل 135 ۽ رٽيل 150 رپيا، دال مڱ ڌوتل پهريون نمبر هول سيل 220، رٽيل 235، دال مڱ 2 نمبر هول سيل 215 رٽيل 230، بغير ڌوتل دال مڱ نمبر هڪ هول سيل 220 ۽ رٽيل 235، بغير ڌوتل دال مڱ ٻيو نمبر هول سيل 210 رٽيل 220 رپيا، دال ماش پهريون نمبر في ڪلو هول سيل 2440 رٽيل 255، دال ماش ٻيو نمبر هول سيل 220 رٽيل 235، دال چنا پنجاب هڪ نمبر هول سيل 140، رٽيل 150، دال چنا پنجاب 2 نمبر هول سيل 120 رٽيل 130، دال چنا سنڌ هول سيل 130 رٽيل 140، بيسڻ في ڪلو هول سيل 130 رٽيل مارڪيٽ 140 رپيا مقرر ڪيو ويو. اهڙي ريت ڌاڻا پيٺل هول سيل 240 رٽيل 260، چانورن جي اگهن ۾ سپر ڪرنل باسپتي هول سيل 150 رٽيل 160 رپيا، ڪرنل باسمتي سنڌي هول سيل 130 ۽ رٽيل 140 رپيا، ٽوٽا باسپتي پنجابي هول سيل 90 رٽيل 100، ڪائنات پنجاب سيلا في ڪلو هول سيل 145 رٽيل 155 رپيا، سيلا 2 نمبر هول سيل 130 رٽيل 145، ايري هول سيل 64 رٽيل 70 رپيا شامل آهن. . اهڙي ريت گوشت مينهن جو 420 رپيا، ڳئون 440، بغير هڏي 540 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ٻاڪرو گوشت 900 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو ويو. تندوري ماني (150 گرام پيڙو) جو اگهه 15 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.