لاڙڪاڻي لڳ ڪتن ٻارن سوڌو 10 ڄڻا ڏاڙهي وڌا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن  ۾ ضلعي توڙي ميونسپل انتظاميه طرفان رولو ڪتن کي مارڻ لاءِ مهم شروع نه ڪرڻ جي ڪري رولو ڪتن جو آزار وڌندو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ ڪالهه هڪ ئي ڏينهن لاڙڪاڻي شهر ۽ آسپاس وارن علائقن سان واسطو رکندڙ 5 ٻارڙن ۽ هڪ عورت سميت 10 ڄڻن کي رولو ڪتن چڪ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن ۾ 5 سالن جي نعمت خاتون ڌيءُ عبدالرئوف، 5 سالن جو نينگر محمد نواز پٽ صفدر علي، 6 سالن جي افصيٰ ڌيءُ محب علي، 2 سالن جو زوهيب پٽ محمد اسماعيل، 12 سالن جي ڪلثوم ڌيءُ ڌڻي بخش بروهي، 60 سالن جي پيرسن عورت امام زادي زال غلام رسول، 45 سالن جو الطاف پٽ شفيع محمد، 36 سالن جو علي رضا پٽ نياز علي، 60 سالن جو پيرسن خادم علي ۽ 28 سالن جو نوجوان ضمير احمد شامل آهن جن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز سينٽر آندو جتي کين ويڪسين ۽ ضروري علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو.

ملير ۾ ڪتن جو ٻارڙي تي حملو، ماءُ بچائي ورتو

ڪراچي ( م ڊ ) ڪراچي ۾ رولو ڪتن جي آزار شهرين خاص طور ننڍن ٻارن جي حياتي خطري ۾ وجهي ڇڏي آهي. سنڌ جي مختلف شهرن ۾  ڪتي چڪڻ جي واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي، سال 2019 ۾ ڪتي چڪڻ سبب فوتي ٿي ويلن جو انگ 20 تي پهچي ويو هو. رولو ڪتن جي حملي جو تازو واقعو ڪراچي جي علائقي ملير ۾ پيش آيو، جتي هڪ معصوم ٻار تي ٽن ڪتن حملو ڪري ڏنو. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ويران گهٽي ۾ ٻارڙو ڀڄندو پنهنجي مان کان اڳتي نڪري وڃي ٿو، پوءِ 3 رولو ڪتا مٿس اوچتو حملو ڪري ڏين ٿا. ماءُ اهڙو منظر ڏسي پٽ کي بچائڻ لاءِ اڳتي اچي ٿي، جنهن بعد ڪتا ڀڄي وڃن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.