بهاولنگر جي ڊي سي آفيس جو نائب قاصد ڪروڙ پتي نڪتو

اسلام آباد ( م ڊ )  قومي احتساب بيورو (نيب ) انڪشاف ڪيو آهي ته پنجاب جي شهر  بهاولنگر ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس جي نائب قاصد جا ڪروڙين رپين جا اثاثا سامهون آيا آهن. نيب ترجمان موجب جوابدار جي نالي تي 20 ڪروڙ کان وڌيڪ جي ملڪيت، دڪان، گهر ۽ پلاٽ آهن، جوابدار سموريون ملڪيتون بي نامي طور پنهنجي ڪٽنب جي نالي تي رکيون آهن. نيب ترجمان موجب جوابدار جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو ته 6 ڪلو سون، روڪ رقم ۽ پرائز بانڊز مليا.

سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 241 ڪيس، 4 ڄڻا فوت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪورونا وائرس وڌيڪ 4 ماڻهن جون حياتيون کسڻ کانپوءِ فوتين  جو انگ 2566 تائين وڌائي ڇڏيو آهي ۽ 241 ڄڻن جا ٽيسٽ مثبت اچڻ کانپوءِ انگ 140997 ٿي ويو آهي. هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس جاري ڪيل بيان ۾ چئي،وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ چار وڌيڪ مريض پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 2566 ٿي ويو جيڪو 1.8 فوتگي شرح آهي. مراد علي شاهه چيو ته 241 نون ڪيسن مان 145 ڪراچي جا آهن جن ۾ ضلع ڏکڻ 59، ضلع اوڀر 44، ضلع ڪورنگي 20، ضلع اولهه 12، ضلع مرڪز 7 ۽ ضلع ملير 3 شامل آهن جڏهن ته ٻين ۾ نوشهرو فيروز 10، بدين 7، مٽياري 6، سانگهڙ 5، دادو، حيدرآباد ۽ ٺٽو 4-4، ٽنڊو محمد خان ۽ ڄامشورو 3-3، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ ٽنڊو الهيار 2-2، جيڪب آباد، خيرپور ۽ شهيد بينظير آباد 1-1 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

ٽڪ ٽاڪ تان پابندي جلد ختم ٿي ويندي: امين الحق

اسلام آباد (بيورو+ م ڊ ) انفارميشن ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير امين الحق چيو آهي ته شارٽ ويڊيو شيئرنگ ايپليڪيشن  ٽڪ ٽاڪ تان پابندي جلد ختم ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي امين الحق چيو ته ٽڪ ٽاڪ انتظاميه حڪومت پاڪستان سان رابطي ۾ آهي، اميد آهي ته معاملا جلد حل ٿي ويندا.  هن چيو ته مان پاڻ به پابندي جي خلاف آهيان، اميد آهي ته مسئلو حل ٿي ويندو.

بيت النور هائوسنگ سوسائٽي ڪراچي ڪيس ۾ ڊاڪٽر شفقت علي ۽ لياقت ميراڻي گرفتار

اسلام آباد(م ڊ) قومي احتساب بيورو (نيب) نيب راولپنڊي بيت النور هائوسنگ سوسائٽي ڪراچي جي ڪيس ۾ سپريم  ڪورٽ کان ضمانت رد ٿيڻ تي ملزم ڊاڪٽر شفقت علي ۽ لياقت ميراڻي کي گرفتار ڪري ورتو. نيب ڪراچي ان ڪيس جي جاچ ڪري رهي آهي. راهداري ريمانڊ ملڻ تي ملزمن کي ڪراچي منتقل ڪيو ويندو جتي نيب ڪراچي قانون مطابق ملزمن جو جسماني ريمانڊ حاصل ڪندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.