سنڌ ۾ مهانگائي بي لغام، پرائس ڪنٽرول ڪميٽين جو نالو نه نشان، احتجاج

ڪراچي/سکر/حيدرآباد (نمائندا) ميرپورخاص  ضلع ۾ ٽماٽن، بصر ۽ ٻيون ڀاڄين جا اگھه چوٽ چڙهي ويا آهن خاص طور ٽماٽا ۽ بصر غريب ماڻهن جي قوت خريد کان ٻاهر نڪري ويا آهن ٽماٽن جي اگھن ۾ واڌ ٿيڻ جي ڪري گهرن ۾ ٽماٽن جي جاءِ تي گهرن ۾ گدامري ۽ سرڪن جو استحمال وڌي ويو آهي. ميرپورخاص ۽ آس پاس جي علائقن ۾ وڪرو ٿيندڙ ڀاڄين مان ٽماٽا 160 کان 200 رپيا ڪلو، بصر 80 کان 100 رپيا ڪلو، مٽر اڍائي سئو کان 300، ٿوم 250 روپيا ڪلو، ادرڪ 800 روپيا ڪلو، ڳاڙهي گجر 80 کان 100 روپيا ڪلو، چونئرا 150 روپيا، بيھ 250 رپيا ڪلو، گوبي 120 رپيا ڪلو، گوار 80 کان 120 رپيا، ڪريلا 80 کان 100 رپيا، توري 100 کان 120 رپيا ، ڀينڊي 160 کان 180 روپيا، ميها 100 کان 130 رپيا، ليمون 250 روپيا، ساوا مرچ 120 کان 140 رپيا، وانڱڻ 100 روپيا، آلو 60 روپيا ڪلو، ٻاڪرو گوشت 12 سئو روپيا، ڪلو وڪرو ڪيا پيا وڃنرهواسين محمد شريف. عطاالله، نعيم احمد، فرقان علي، عبدالرشيد ۽ ٻين چيوته واپارين هٿ وٺي ڀاڄين جا اگهھ وڌايا آهن ، هوڏانهن اوٻاوڙي ۾ ھٿرادو مھانگائي عروج پھچي وئي مارڪيٽ ڪاميٽي انتظاميا جي ملي ڀڳت سبب ريٽ لسٽون گم دڪاندارن  ڀاڄيون داليون ۽ عام واھپي ۾  استعمال ٿيندڙ  شين جا من پسند اگھ مقرر ڪري ڇڏيا ڳاٽي ٽوڙ  مهانگائي ۾  پورهيت طبقي جي ماڻھن جو جياپو مشڪل انتظامي نااهلي سبب واپارين ۽ دڪاندارن ۽ ريڙهي وارن هر شيء جا هٿرادو ۽ من پسند اگھ مقرر ڪري ڇڏيا آهن  مارڪيٽ ڪميٽي جا عملدار مهيني ۾ ھڪ  ڀيرو به شهر ۾ ريٽ لسٽون چيڪ ڪرڻ لاءِ نٿا نڪرن ۽مارڪيٽ ڪميٽي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي آهن ان سلسلي ۾ سماجي اڳواڻ ۽ پ پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ شير محمد چاچڙ غلام حسين شر رجب حسين بوهڙ علي نواز صوبا خان ٻين ڏانهون ڪندي چيو ته ظلم جي انتها ٿي وئي آهي ٻئي پاسي   کهڙا ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ماڻھن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي. پورهيت طبقو سخت پريشان. آنا 190 روپيا درجن ڪڪڙ جو گوشت 280 روپيا ڪلو. ٽماٽن. بصرن. پٽاٽن جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا.  پورهيت طبقي سان واسطو رکندڙ پورهيتن عبدالستار اڄڻ. عبدالرئوف ابڙي. عبدالمجيد شر. وسيم علي بوئو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته اسان ايتري مهانگائي زندگي ۾ ناهي ڏٺي جيتري پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ ٿي آھي. ڏينهون ڏينهن مهانگائي ٿي رهي آھي، ٻئي پاسي ڏهرڪي ۾ هٿرادو مهانگائي غريب عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آهي عام واهپي جون شيون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون آهن اٽو 40 جي بجاءِ 80، کنڊ 100، گوبي 80، آلو 60، واڱڻ 80، گنوار 200، ڀينڊيون 140، ٽماٽر 200، دال چڻا 180، دال مهري 170، دال مڱ 250، مرغي 330، گوشت ننڍو 1200، گوشت وڏو 600،مڇي 400 وڪرو ٿيڻ لڳو آهي،غريب پورهيتن مير لاشاري اورنگزيب ساگر غريب نواز علوي ۽ ٻين ويچار ونڊيندي چيو ته هٿرادو مهانگائي جو بم اسان مٿان سٽيو ويو آهي هنن زرعي نقلي دوائن سبب ڪپھ جو فصل مڪمل طور تي سڙي رک ٿي ويو آهي غوثپور ۾   مهانگائي خلاف جي يو آءِ ۽  جي ٽي آ3 جي سڏ تي ڪارڪنن جو سيد سهيل احمد شاه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي عبدالباسط شيخ .سعد الله اوڳاهي .شفيق الرحمن سنڌي محمداسماعيل اوڳاهي ۽ ٻين چيو ته مهانگائي جي ڪري عوام خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.