ڪراچي جلسي سبب پي ٽي آءِ وائڙائپ جو شڪار آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(رپورٽر)  سنڌ حڪومت جي ترجمان صلاحڪار قانون، ماحوليات ۽ ساحلي ترقي بئيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو ته 18 آڪٽوبر جو جلسو تاريخ ساز هوندو، پي ڊي ايم جي جلسي جي اعلان سبب پي ٽي آءِ جي حڪومت مونجهاري جو شڪار ٿي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن پي ايس 111 گزري ڀرسان علائقي جي دوري جي موقعي تي ميڊيا نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي. هن علائقي جي واسين سان پڻ ملاقاتون ڪيون، گزري جي علائقي ۾ فوت ٿي ويندڙ پارٽي ورڪر جي گهرن تي وڃي ڪري تعزيت ۽ فاتح خواني پڻ ڪئي.

امتياز شيخ خلاف نااهلي جي درخواست واپس

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ صوبائي وزير  امتيار شيخ تي لڳڻ الزامن جي جاچ ڪميٽي جي خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران درخواست گذار امتياز شيخ کي نااهل قرار ڏيڻ واري استدعا واپس وٺي ڇڏي آهي .ايڊووڪيٽ عامر منسوب قريشي پنهنجي موقف ۾ چيو ته نااهلي کانسواءِ ٻين معاملن تي غور ڪيو وڃي .واضح رهي ته اڳوڻي آءِ جي سنڌ امام ڪليم مختلف ادارن تي ٻڌل هڪ جي آءِ ٽي جوڙي هئي .جڏهن ته نئون آءِ جي سنڌ اچي ان جي آءِ ٽي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي .عدالت 19 نومبر تائين صوبائي وزير امتياز شيخ ،سنڌ حڪومت ۽ ٻين ڌرين کي لکت جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو .03

جماعت اسلامي ٻيٽن تي قبضي خلاف ٺهراءُ سينيٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق سنڌ ۾ ٻيٽن تي قبضي خلاف سينيٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو، قرارداد ۾ چيو ويو ته مان مان سينيٽ جي قاعدن ۽ ضابطن مجريه 2012 جي قاعدي (2) 145 تحت صدر اسلامي جمهوريه پاڪستان طرفان ڪراچي جي ڪناري تي موجود ٻن ٻيٽن بڊو ۽ بندال کي وفاق طرفان ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جاري ڪيل هيٺ ڏنل آرڊيننس ”پاڪستان آئي لينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آرڊيننس 2020“ جي نامنظوري جو نوٽيس پيش ڪيان ٿو.

پي ڊي ايم پاران سياسي اڳواڻن جي گرفتارين جي مذمت

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ گجرانوالا ۾ پي ڊي ايم جي سڀاڻي جلسي کان اڳ سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي  گرفتارين جي مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪمرانن جي ننڊ ئي حرام ٿي وئي آهي، ان ڪري حڪمران مخالف ڌر خلاف رياستي حربا استعمال ڪري رهي آهي، اهڙو اظهار ڪالهه پ پ جي نگراني ۾ ٿيل پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ ڪيو ويو، اجلاس ۾ پي ڊي ايم جا نفيسه شاهه، پلوشه خان، عاجز ڌامراهه، سسئي پليجو، فدا حسين ڍڪڻ، خالد حسين شيخ، محمد سميع سواتي، محمد ارشد، بحري ڪمال ايڊووڪيٽ، سڪندر خان، مستقيم نوراني، ۽  ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ 18 آڪٽوبر سانحي جي شهيد جي ياد ۾ جلسي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ سان گڏ ميڊيا جي ڪوريج لاءِ خاص انتظامن تي ڳالهيون ڪيون ويون، اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هر حال ۾ مخالف ڌر متحد ۽ رابطي ۾ رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.