سڪرنڊ ويجهو ڊرائيور تذليل برداشت نه ڪري سگهيو، پاڻ کي پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي

سڪرنڊ ( رپورٽ: لطيف جمالي )  سڪرنڊ لڳ قومي شاهراهه تي ايڪسائيز چيڪ پوسٽ تي انساني تذيل جو وڏو واقعو. مبينا طور رشوت نه ڏيڻ تي پنجاب کان ڪراچي ويندڙ آئل ٽينڪر ڊرائيور تي ايڪسائيز اهلڪارن  پاران سخت تشدد ڪرڻ بعد ويهڪ واري جاٰءِ تي ڪاٺي وجهي تشدد ڪيو ويو. ٽرالر ڊرائيور پاران تذليل ٿيڻ بعد احتجاج طور پاڻ تي تيل هاري چوڪي آڏو باهه ڏئي ڇڏي. ڊرائيور متيع الرحمان پاران انڪار ڪرڻ تي ايڪسائيز اهلڪارن ٽرالر مان لاهي ڀرسان چيڪ پوسٽ جي ڪمري ۾ آڻي کيس سخت تشدد جو نشانو بنائي سندن ويهڪ واري جاءِ تي ڪاٺي وجهي ڇڏي،  جنهن بعد ٽرالر ڊرائيور متيع الرحمان پنهنجي تذليل برداشت  نه ڪري سگهيو ۽ ۽ پنهنجي مٿان تيل هاري مبينا پاڻ کي ساڙي ڇڏيو. واقعي بعد ايڪسائيز پوليس اهلڪارن ڊرائيور نازڪ حالت ۾ تعلقه اسپتال سڪرنڊ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا. جڏهن ته موٽروي پوليس قومي شاهراهه اهڙو واقعو ٿيڻ تي واقعي کان لاتعلق رهي ۽ متاثر ڊرائيور جي ڪا به مدد نه ڪئي. پاڻ ساڙيندڙ ڊرائيور متيع الرحمان سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مون سان وڏو ظلم ٿيو آهي ايڪسائيز پوليس اهلڪارن تشدد ڪري کائنس 18 هزار روپيه ڦر ڪيا آهن ۽ ويهڪ واري جاءِ کيس زبردستي ڪاٺي ڏني وئي جنهن بعد احتجاج ڪري پاڻ ساڙيو آهي. آخري اطلاعن تائين زخمي ڊرائيور کي برنس وارڊ سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ڪيو ويو آهي جتي سندس حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. ڊرائيور پنهنجي بيان ۾ چيو ته مان اصل پنجاب جي علائقي چوڪ منڊ جو رهواسي آهيان منهنجي وارثن کي اطلاع ڏئي منهنجي جان بچائي وڃي. ٻئي ڊائريڪٽر ايڪسائيز بينظيرآباد سليم ڀٽو نوٽيس وٺندي سڪرنڊ ايڪسائيز چوڪي تي مقرر انچارج انسپيڪٽر آصف لاکو ۽ ٻئي عملي کي معطل ڪري وڌيڪ جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.