ٽائيگر فورس کي اختيار ڏيڻ حڪومتي ناڪامي آهي: معاشي ماهر

ڪراچي ( م ڊ ) عام واهپي جي شين جي اگهن ۽ ان  تي ضابطو آڻڻ ضلعي انتظاميه جي دائري ۾ اچي ٿو پر ان لاءِ ٽائيگر فورس کي اختيار ڏيڻ سواليه نشان بڻجي ويو آهي. معاشي ماهر ڊاڪٽر قيصر اسلم جو چوڻ آهي ته وڌندڙ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ اهڙيون هدايتن سان معاملا وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿا، ٽائيگر فورس جي ميمبرن ۽ دڪاندارن وچ ۾ جهيڙي جو به خطرو موجود آهي. هن چيو ته قيمتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ مڪاني حڪومتن جي نظام کي بحال ڪيو وڃي، جڏهن اڳ ئي نظام موجود آهي ته ان کي بهتر ڪرڻ بدران نئين فورس ڇو جوڙي پئي وڃي. هن چيو ته اهڙي قدمن سان حڪومت پنهنجي ناڪامين ۽ بد انتظامين جو اعتراف ڪري رهي آهي. آل پاڪستان ٽريڊز ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري نعيم مير چيو ته ٽائيگر فورس جي قيام ۽ ان کي ڏنل اختيار رڳو هڪ سياسي عمل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.