مهانگائي خلاف حڪمرانن جي گھرن آڏو احتجاج ڌرڻو

اسلام آباد (بيورو+ م ڊ) مهانگائي عام ماڻهن سان گڏ سرڪاري ملازمن جو جيئڻ محال ڪري ڪري ڇڏيو، پگهارن ۾ واڌ نه ٿيڻ، اجرتون نه ملڻ ۽ برطرفين خلاف هزارين سرڪاري ملازم وفاقي تخت گاهه پهچي ويا. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڊي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ ايپڪا، ليڊي هيلٿ ورڪرن، استادن، ينگ ڊاڪٽرز ائسوسيئيشن ۽ ٻين ادارن  جي ملازمن  پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڊي چوڪ تي ڌرڻو هنيو. سرڪاري ادارن جي ملازم تنظيمن جو چوڻ آهي ته هڪ پاسي لڳاتار مهانگائي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ٻئي پاسي وفاقي سرڪار پگهارون نه وڌائي ملازم دشمني جو ثبوت ڏنو آهي. ملازمن پگهارن ۾ واڌ، سروس اسٽرڪچر بدلائڻ، پوليو مهم ۾ تحفظ ۽ ٻين مراعتن جو مطالبو ڪيو. مظاهرين کي روڪڻ جي لاءِ ميريٽ هوٽل، ڊي چوڪ، نادرا چوڪ، سرينا چوڪ ۾ ڪنٽينر رکيا ويا. ان کان علاوه ريڊ زون جي رستي ۾ ڪنڊيدار تارون ۽ واٽر ڪين گاڏيون به پهچايون ويون پر روڪڻ جي ڪوشش باوجود ملازم رنڊڪون ٽوڙي ڊي چوڪ تي پهچي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.  سرڪاري ملازمن طرفان پگهارن ۾ واڌ تائين احتجاج جاري رکڻ جو چتاءُ ڏنو ويو. هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ليڊي هيلٿ ورڪرن سميت سرڪاري ملازمن جي احتجاج جي حمايت ڪندي چيو آهي ته ترقيون، پينشن ۽ ٻيون سهولتون ملازمن جو حق آهي. وفاقي ملازمن سان ايڪتا جو اظهار پيو ڪيان. هن چيو ته پ پ ليڊي هيلٿ ورڪرن سميت سمورن ملازمن جا مسئلا هر فورم تي اٿاريا ويندا. هوڏانهن اسلام آباد انتظاميا ڌرڻي جي پهريون ڀيرو ڊرون ذريعي نگراني ڪئي آهي. ڊرون جي استعمال کي پوليس ايئر پيٽرولنگ يونٽ جو نالو ڏنو ويو آهي.  ڊي آءِ جي آپريشن چيو ته ڊي چوڪ تي ليبر يونين جي احتجاج جي نگراني پهريون ڀيرو ايئر پيٽرولنگ يونٽ ڪئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.