پاڪستان ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري اڃا وڌندي: آءِ ايم ايف

اسلام آباد ( م ڊ ) آءِ ايم ايف چيو آهي ته ڪورونا وائرس دوران پاڪستان جي معيشت تمام گهڻي متاثر ٿي، مالي سال 21-2020 معاشي  ترقي شرح هڪ سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، 2021ع ۾ پاڪستان ۾ بيروزگاري وڌي سگهي ٿي ۽ هن سال بيروزگاري جي شرح 4.5 سيڪڙو آهي جيڪا 2021ع ۾ وڌي 5.1 سيڪڙو ٿيڻ جو خدشو آهي،  آءِ ايم ايف پاڪستان جي ترقي واري شرح کي هڪ سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته حڪومت پاران هلندڙ سال جي ڊي پي جي شرح 2.1 ٻڌائي وئي آهي، رپورٽ ۾ لکيو ويو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ايندڙ سال جي ڊي پي جو 2.5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، آءِ ايم ايف اڪنامڪ رپورٽ ۾ خبردار ڪيو آهي ته ڪورونا وائرس سان سموري دنيا جي معيشتن کي 28 هزار ارب ڊالر جو نقصان ٿيندو، عالمي معيشت 4 ڏهائي 4 سيڪڙو ڪري پوندي، جڏهن ته ڀارت، اٽلي ۽ اسپين سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا.  آءِ ايم ايف اڪنامڪ آئوٽ لڪ رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ مالي سال 2021 ۾ مهانگائي جي شرح 8.8  آهي ۽ بيروزگاري جي شرح 5.01 ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته سال 2020 ۾ معاشي ترقي منفي ڏهائي چار سيڪڙو رهندي. آءِ ايم ايف موجب برطانيه سميت ٻيون عالمي معيشتون پٺتي پئجي رهيون آهن، انهن جي بهتري جا آثار نظر نٿا اچن، عالمي معيشت 4.4 سيڪڙو هيٺ هلي ويندي. رپورٽ موجب عالمي معيشتن کي ٺيڪ ٿيڻ ۾ ڊگهو عرصو لڳندو ۽ صورتحال غير يقيني رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.