پي ڊي ايم جو سڀاڻي جلسو، گوجرانوالا شهر ڇانوڻي ۾ تبديل

گوجرانوالا ( م ڊ ) اپوزيشن جي سڀاڻي اعلانيل جلسي  کان اڳ مختلف شهرن ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. گوجرانوالا شهر جي ايندڙ ويندڙ رستن کي بند ڪري ڪنٽير رکيا ويا آهن، جڏهن ته رائيونڊر ۾ جاتي امرا روڊ کي به مڪمل طور تي بند ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب گوجرانوالا ۾ اجازت کانسواءِ ڪارنر گڏجاڻيون ڪرڻ ۽ ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي مختلف ٿاڻن ۾ 7 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. سي سي پي او سرفراز فلڪي جو چوڻ آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي هر صورت ۾ عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو، اين او سي کانسواءِ ڪارڪر گڏجاڻي ۽ عوامي ميڙاڪن جي اجازت نه هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.