عمران خان پوليس گردي پيو ڪري: احسن اقبال

گوجرانوالا ( م ڊ ) مسلم ليگ ن جي سيڪريٽري  جنرل احسن اقبال چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ٽن مهينن تائين ڊي چوڪ تي جلسو ڪيو، ان کي ڪو به نقصان نه پهچايو ويو پر اپوزيشن اتحاد پي ڊي ايم جي جلسي جواعلان ٿيندي ئي حڪومت ” پوليس گردي” تي لهي آئي آهي. گوجرانوالا ۾ پي ڊي ايم جي ٻين اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته حڪومت جي جلسو نٿي روڪي سگهي، 16 آڪٽوبر تي پاڪستان جو عوام مهانگائي خلاف عوامي ريفرنڊم ۾ شرڪت مان ثابت ڪندو ته هن حڪومت مان تنگ اچي چڪو آهي. ان موقعي تي پي ڊي ايم جي سيڪريٽري جنرل شاهد خاقان عباسي چيو ته 3 آڪٽوبر تي حڪومت کي درخواست ڪئي ته  پر ڪو به جواب ناهي ڏنو، فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي پهريون جلسو گوجرانوالا ۾ جي ٽي روڊ تي ٿيندو، چيف سيڪريٽري فواد رفيق، گهرو کاتي جي سيڪريٽري مومن آغا، ڪمشنر گوجرانوالا سميت ٻين کي گذارش ڪيان ٿو ته وزيراعظم عمران خان جا ملازم نه ٿيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.