عاصم باجوه معاملي تي جي آءِ ٽي ٺهڻ گهرجي: پلوشه خان

ڪراچي(رپورٽر)  پيپلزپارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري نفيسا شاهه وزيراعظم کي ٽائيگر فورس جو ڊان قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران  خان کي  ٿاڻيدار نه پر جمهوريت پسند بڻجڻ گهرجي،ڪالهه بلاول هائوس ڪراچي ۾ پلوشه خان ۽ سسئي پليجو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته نيب کي ملڪ ۾ سياسي انجنيئرنگ لاءِ استعمال ڪيو پيو وُڃي، اڄ کان هو عوام جو ڪيس وڙهڻ لاءِ ميدان تي نڪتا آهن جلسن کان اڳ ئي حڪومت جا هوش خطا ٿي ويا آهن، هن چيو ته عمران خان جي قول ۽ فعلل ۾ فرق آهي، هو پاڻ چوندو هو ته منهنجي خلاف ڏهه هزار ماڻهو نڪتا ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو، اڄ پورو ملڪ سراپا احتجاج بڻيل آهي ان ڪري وزيراعظم فوري طور تي استعيفيٰ ڏئي، هن سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز کي وزير مس انفارمڊ قرار ڏيندي چيو ته شبلي فراز چئي ٿو ته جلسا ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي ٻئي طرف وري ٿاڻي جا هٿڪنڊا استعمال ڪيا پيا وڃن، پ پ گجرانوالا جي صدر تي ڪورونا ڦهلائڻ جي الزام تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پ پ اڳواڻ پلوشه خان چيو ته وفاقي سرڪار ملڪ کي گهرو ويڙهه ڏانهن ڌڪي رهي آهي،پلوشه خان چيو ته عاصم باجوه جي معاملي تي جي آءِ ٽي ٺهڻ گهرجي جهڙي طرح نواز شريف ۽ آصف علي زرداري لاءِ جي آءِ ٽي ٺهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.