جلسي کان اڳ ئي اپوزيشن خلاف رڻ ٻاريو ويو آهي: پرويز اشرف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)  اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلزپارٽي اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو آهي ته حڪومت پي ڊي ايم جي تحريڪ شروع ٿيڻ کان  اڳ ئي اپوزيشن خلاف رِڻ ٻاري ڏنو آهي، پنجاب ۾ اپوزيشن جي ڪارڪنن، اڳواڻن چونڊيل نمائندن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف چيو ته گجرانوالا ۾ جلسو شروع ٿيڻ کان اڳ ئي حڪمرانن جا هوش خطا ٿي ويا آهن، حڪمرانن کي سهپ ۽ صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، حڪومتي وزيرن ۽ مشيرن جو رويو قبول جوڳو نه آهي، حڪومت قومي ادارن کي سياست ۾ گهلڻ کان پاسو ڪري، قومي ادارن کي تڪراري بڻائڻ ملڪ ۽ جمهوريت جي مفاد ۾ نه آهي، 16 آڪٽوبر تي ٿيندڙ جلسي ۾ عوام طرفان حڪمرانن کي واضح پيغام اُماڻيو ويندو، حڪمران عوام سان ويڙهه نٿا ڪري سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.