ميروخان ڀرسان ٻه ٻارڙا قتل، هڪ زخمي

ميرو خان/ لاڙڪاڻو(صفدر تنيو+ مرتضيٰ ڪلهوڙو) ميرو خان تعلقي جي ڳوٺ نئون ٺارو وڌو ڀرسان هٿياربندن موٽر سائيڪل سوارن تي  رات جي اونداهيءَ ۾ انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني نتيجي ۾ ٻه معصوم نينگر 10 ورهين جو الله ورايو پٽ ممتاز علي بروهي ۽ 7 ورهين جو شڪيل پٽ نظر بروهي تڏي تي قتل ٿي ويا ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. لاش ۽ زخمي سندن وارثن چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايا. لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جڏهن ته زخمي کي طبي امداد ڏني وئي. ٻڌايو پيو وڃي ته قتل ٿيل نينگرن ۽ سندن پيءُ جي ڪنهن سان به دشمني نه هئي، هٿياربندن ڦورو هئا جن کين موٽرسائيڪل روڪڻ لاءِ اشارو ڪيو جيڪي سندن اشاري تي ڪونه بيٺا ان تي هٿياربندن پويان انڌا ڌنڌ فائرنگ فائرنگ ڪري ڏني. هوڏانهن ٻنهي نينگرن جا لاش وارث ڳوٺ نئون ٺارو وڌو کڻائي ويا جتي لاش گھر پھچڻ تي سندس گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.