آغا سراج ۽ ٻين تي ملڪيتن جي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو نه ٿيو

ڪراچي (رپورٽر)احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ واري ڪيس ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني سميت ٻيا پيش ٿيا، جڏهن ته جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو .عدالت ۾ وڪيل ٻڌايو ته ريفرنس ۾ نامزد زال ۽ مڙس شمشاد خاتون ۽ ذوالفقار علي کي ڪورونا آهي شمشا د خاتون جي حالت تمام گهڻي خراب آهي. طعيبت ٺيڪ ٿيڻ کان پوءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. نيب جي وڪيل چيو جوابدار تاريخ تي تاريخ وٺي رهيا آهن .ريفرنس کي سال ٿي ويو آهي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو آهي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 4 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. 03

شڪارپور جو ڊي سي پي اي سي نه پهتو،  دادو جو رڪارڊ طلب

ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر) پي اي سي اجلاس ۾ تيز بخار سبب شڪارپور جو ڊي سي نه آيو، دادو ضلعي حڪومت جون 12 پيرائن مان ٻه پيرا سٽل قرار ڏنيون ويون. اجلاس چيئرمين غلام قادر چانڊيو جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ميمبرن مان گهنور اسراڻ، قاسم سراج سومرو ۽ عبدالڪريم سومرو شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور پي اي سي کي تيز بخار هجڻ جو سبب ٻڌائي اجلاس ۾ نه آيو.  اهڙي درخواست ڪميٽي قبول ڪئي، جڏهن ته اجلاس ۾ دادو ضلعي بابت 12 پيرائن مان ٻه پيرا سيٽل قرار ڏيندي باقي 10 پيرائن ۾ بي ضابطگين بابت دادو جي ڊي سي کي هڪ مهيني اندر سمورو رڪارڊ آڊٽ عملدارن کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.  03

ٽنڊي آدم ۾ نينگر سان بدفعلي، جوابدار سوگهو

ٽنڊوآدم ( ت ر )  ٽنڊوآدم ۾ جوابدار نينگر کي هٿيارن جي زور تي کنڀي بدفعلي جو نشانو بڻايو . ٽنڊوآدم جي چانهيا پاڙي مان جوابدار وقاص راجپوت 14 ورهين جي نينگر امتياز علي ڀٽو کي هٿيارن جي زور تي کنڀي جهول روڊ تي واقع ڪيلن جي باغ ۾ کڻي وڃي بدفعليءَ جو نشانو بڻايو ۽  فرار ٿي ويو.  وارثن نينگر کي سٽي ٿاڻي تي پهچايو جتي پوليس نينگر کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ ليٽر جاري ڪندي تعلقي اسپتال موڪليو ۽ جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ڇاپو هڻي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو . 03

سامونڊي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن: عبدالقادر بلوچ

ڪنري (ت ر) ن ليگ جي مرڪزي نائب صدر ۽ بلوچستان جي صوبائي صدر سينيٽر عبدالقادر بلوچ چيو آهي ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن انهن تي وفاق جو قبضو ناجائز آھي. جنهن جي مذمت ڪريون  ٿا. ڪنري ۾ نيشنل پارٽي جي سينيٽر ڊاڪٽر اشوڪ رتناڻي جي ڀاڄائي جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالقادر بلوچ چيو ته سامونڊي پٽيون ۽ ٻيٽ صوبن جي ملڪيت هوندا آھن انهن تي حق صرف صوبن جو هوندو آھي.  هن چيو ته بلوچستان سان 73 سالن کان زيادتين سبب احساس محرومي وڌيل آھي. هڪ ته اتي چونڊون مرضي موجب ڪرايون وڃن ٿيون. هن چيو ته اپوزيشن جي تحريڪ شروع ٿيڻ شرط حڪمرانن جون ٽنگون ڏڪي رهيون آھن. هن چيو ته ڪنري ۾ روڊ ٽٽل آهن، هتان جي پ پ ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر کي اسيمبلي ۾ ٻڌندو آھيان مسئلن تي گهڻو ڳالهائيندو آھي  پر هن جي پنهنجي تڪ جي روڊن جي حالت ڏسي ڏک ٿيو ته هتي ته ڪو ڪم نه ٿيو آھي. ان موقعي تي ن ليگ اڳواڻ مير امان الله ٽالپر، انجنيئر عبدالمنعم خان، مير حسن بلوچ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.03

نيب جي ڪري ڪرپشن مهم کي شڪست پئي ملي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد( م ڊ ) سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته قومي احتساب بيورو (نيب) جي رويي سبب ڪرپشن جي خلاف مهم کي شڪست پئي ملي.جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ اسلام آباد يونين ڪونسل روات جي اڳوڻي سيڪريٽري جاويد چوڌري جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت نيب جي جوابدا رکي پلي بارگين درخواست تي هڪ مهيني ۾ فيصلي جي هدايت ڪري ڇڏي.جوابدار جي وڪيل چيو ته ڪيس ۾ ٻيا چار جوابدار آهن جن کي نيب گرفتار ناهي ڪيو ۽ رڳو هڪ ئي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، نيب جوابدارن ۾ فرق ٿو ڪري.جسٽس قاضي امين اسپيشل پراسيڪيوٽر نيب کان ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ جو سبب پڇيو ته هن ٻڌايو ته ڪيس ۾ ٻيا 4 جوابدار سينٽرل سپيريئر سروسز (سي ايس ايس) پاس اسسٽنٽ ڪمشنرز آهن جنهن ۾ عورتون به شامل آهن.جسٽس قاضي محمد امين ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا هو سي ايس ايس وارا جوابدار ناهن؟ ڇا سي ايس ايس ڪندڙ قانون کان مٿانها آهن، نيب جي انهيءَ رويي سبب ڪرپشن جي خلاف مهم کي شڪست پئي ملي، ڇا اهڙي طرح ملڪ مان ڪرپشن ختم ٿي سگهي ٿي، نيب سپريم ڪورٽ جي اختيارن کي گهٽ نه سمجهي، نيب جي رويي مان گهٽ ۾ گهٽ آئون ته خوش ناهيان.عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي هڪ مهيني جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

ڪراچي ۾ پوليس کان هٿيار ڦر ڪرڻ جا واقعا وڌي ويا،جاچ شروع

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کان هٿيار ڦر ڪرڻ وارا واقعن ۾ تيزي، سي ٽي ڊي اهلڪارن کان هٿيارڦر ڪرڻ واقعن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي،  هڪ رپورٽ موجب گذريل سال کان هن وقت تائين ڪراچي جي مختلف علائقن مان پوليس 14  آفيسرن ۽ اهلڪارن کان هٿيار ڦر ڪرڻ جا واقعا پيش آيا، اختيارين جو چوڻ آهي ته گذريل سال اپريل تي ڪراچي ۾ پوليس اهلڪار کان هٿيار ڦر ڪرڻ جو  پهريون واقعو رڪارڊ ڪيو ويو،  گذريل سال 24 اپريل تي سچل ٿاڻي جي حد صفوران چوڪ وٽان سب انسپيڪٽر امتياز احمد کان نائن ايم ايم پسٽل ڦر ٿيو، 27 جولائي 2019ع تي شاهراهه فيصل تان ايس آءِ پي گلستان خان کان موٽر سائيڪل سوار هٿياربند نائن ايم ايم پسٽل ڦرُ ڪري ويا.هلندڙ سال فيبروري ۾ سهراب ڳوٺ جي علائقي مان ڦورو هيڊڪانسٽيبل محمد اسلم کان نائن ايم ايم ڦُر ڪري ويا، اهڙي طرح پپري جي علائقي شاهنواز ڳوٺ مان اهلڪار سڪندر خان موٽرسائيڪل سوار 2 جوابدار  نائن ايم ايم پسٽل ڦر ڪري ويا. گلبهار جي علائقي ۾ پهرين جون 2020ع گلبهار جي علائقي مان هٿياربند سپاهي محمد نديم کان هٿيار ڦُر ڪري ويا، شاهراع نورجهان جي علائقي فائيو اسٽار چورنگي وٽان هٿياربندن اهلڪارن زاهد حسين کان نائن ايم ايم پسٽل ڦُر ڪيو، جڏهن ته تيسر ٽائون جي علائقي مان اهلڪارن محمد خالد کان 9 ايم ايم پسٽل ڦر ٿيو، سي ٽي ڊي موجب 2 ڏينهن اڳ شاهه لطيف ٽائون جي علائقي مان ٽريفڪ پوليس اهلڪار کان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن نائن ايم ايم پسٽل ڦر ڪيو، سمورن اهلڪارن کان موٽرسائيڪل سوار ڦورن هٿيار ڦر ڪيا. رپوٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سمورن ڦرٿيل هٿيارن جو فرانزڪ ڊويزن ۾ ڪوبه رڪارڊ موجود ناهي. ٻئي پاسي سي ٽي ڊي ڪراچي جي مختلف علائقن مان اهلڪارن کان سرڪاري هٿيار ڦر ٿيڻ واري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جن اهلڪارن کان هٿيار ڦر ٿيا آهن انهن جا بيان پڻ رڪارڊ ڪيا ويا آهن. اختيارن موجب خدشو ڏيکاريو ويو آهي ته ڦر ڪيل سرڪاري هٿيار دهشتگردي ۾ استعمال ٿي سگهن ٿا،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.