سنڌو ڀرسان وڻ ئي ناهن، غير قانوني الاٽمينٽ جو تحفظ پيو ٿئي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( م ڊ) سپريم ڪورٽ سنڌ سميت ملڪ ۾  وڻن جي واڍي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌو درياهه جي آسپاس ڪو به وڻ نظر نه ٿو اچي. سنڌ سرڪار ڪچي جو سڄو علائقو پوکِيءَ لاءِ خانگي ماڻهن کي ڏئي ڇڏيو آهي. ڪچي جي سموري زمين تي ته گهاٽا ٻيلا هئڻ گهرجن.  سپريم ڪورٽ طرفان سنڌ سوڌو سموري ملڪ ۾ وڻن جي واڍي تي ڪاوڙ جو اظهار، درياهن ۽ ڍنڍن جي ڀرپاسي وڻڪاري بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن پڇيو ته سنڌ حڪومت کي حڪم ڏنو هو ته ٻيلن جي زمين جي الاٽمينٽ رد ڪري. سنڌ سرڪار وري قانون ٺاهيو ته جيڪا الاٽمينٽ ٿي چڪي آهي، اُها برقرار رهندي. ٻين لفظن ۾ سنڌ حڪومت غيرقانوني طور الاٽمينٽ جو تحفظ ڪري رهي آهي، ٻڌايو وڃي ته بلين ٽري سونامي منصوبي جو ڇا ٿيو؟ عدالت چئني صوبن جي آبپاشي ۽ ٻيلي کاتي جي صوبائي سيڪريٽريز کي طلب ڪري ورتو. 031`

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.