جلسي کان روڪيو ويو ته سموري پنجاب ۾ احتجاج ٿيندو: محمد زبير

لاهور  ( بيورو+ م ڊ )  پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ ۽ نواز شريف جي ترجمان محمد زبير چيو آهي ته جيڪڏهن پي  ڊي ايم کي گوجرانوالا ۾ جلسي کان روڪيو ويو ته احتجاج جو سلسلو پنجاب سميت هر هنڌ پکڙجي ويندو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي محمد زبير چيو ته ن ليگ جا ڪارڪن گرفتاري کان نٿا ڊڄن، پر موجوده حڪومت کي ايتري ڊڄي رهي آهي، ايترو مان ڪنهن کي پنهنجي زندگي ۾ ڊڄندي ناهي ڏٺو، حڪومت کي ڊپ نه هجي ها ته وٺ پڪڙ نه ٿئي ها.

لاهور هاءِ ڪورٽ سياسي جلسن ۽ جلوسن تي پابندي لاءِ درخواست رد ڪري ڇڏي

لاهور ( بيورو+ م ڊ  ) لاهور هاءِ ڪورٽ ڪورونا وائرس جي خدشي کي نظر ۾ رکندي سياسي جلسن تي پابندي لاءِ درخواست رد ڪري ڇڏي.جسٽس مسعود عابد نقوي تي ٻڌل سنگل بينچ واءِ ڊي اي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي محفوط ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ڪورونا وبا سبب شهرين جي زندگي کي خطرا آهن، سياسي ميڙاڪن سبب ڪورونا وائرس پکڙڻ جو خدشو آهي.

ناقص ڪيپسٽر ۽ شارٽ سرڪٽ سبب بي آر ٽي بسن کي باهه لڳي: چيني ڪمپني

پشاور ( م ڊ ) چيني ڪمپني جي ماهرن پشاور بس ريپڊ ٽرانزٽ ( بي آر ٽي ) بسن ۾ لڳندڙ باهه بابت جاچ رپورٽ ۾ چيو آهي ته ناقص  ڪيپسٽر ۽ شارٽ سرڪٽ باهه لڳڻ جو ڪارڻ بڻيو. ترجمان ٽرانس پشاور ڪمپني موجب چيني ڪمپني جي ماهرن جي جاچ رپورٽ ۾ چيو  ويو آهي ته ڪرنٽ جي غير معمولي پهچ سن ڪيپسٽرز متاثر ٿيا، جنهن سبب شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳي. ترجمان موجب مرمت کانپوءِ بسون مقامي ۽ بيروني حالتن موجب ايندڙ 12 سالن تائين استعمال ٿي سگهن ٿيون، بسن جي موٽر ڪنٽرولرز کي اپڊيٽ ۽ تبديل ڪيو پيو وڃي.

ڪوئٽا جي اسمنگلي روڊ تي پل جي تعمير ڪندڙ پورهيتن تي دستي بم حملو، 7 ڄڻا زخمي

ڪوئٽا ( م ڊ )  بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئٽه جي اسمنگلي روڊ تي ڌماڪي سبب 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جن کي  اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ٻڌايو  اسمنگلي روڊ تي واقع ڪڊني سينٽر ويجهو زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن  سبب ڇهه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڌماڪي جي خبر ملندي ئي سيڪيورٽي ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا آهن. واري واري جڳهه کي گهيري  ناڪابندي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ سي ٽي ڊي ٽيمون به طلب ڪري ورتيون آهن. پوليس ذريعن موجب نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن تعمير هيٺ پل تي ڪم ڪندڙ مزدورن تي دستي بم اڇلايو جنهن جي نتيجي ۾ پنج مزدور ۽ 2 ٻار زخمي ٿي پيا آهن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ علائقي جي ناڪابندي ڪئي وئي آهي پر اڃان تائين ڪنهن به ڌماڪي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.