ٻيٽن تي وفاق جو قبضو نامنظور، سڄي سنڌ ۾ تاريخي هڙتال

ڪراچي / حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت جي والار ۽ آئيلينڊ اٿارٽي جي قيام خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي. مظاهرين ٻيٽن بابت آرڊيننس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي جي سنڌي وسندين سچل ڳوٺ، ڀٽائي آباد، جوهر ڪمپليڪس، صفوران ڳوٺ، ايوب ڳوٺ، بلاول شاهه نوراني،  غازي ڳوٺ، ماروئڙا، مخدوم بلاول، لاسي ڳوٺ ۽ صفل ڳوٺ ۾ ڪاروباري مرڪز بند رهيا. حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، شڪارپور، ڪشمور، نوشهروفيروز، دادو، مٽياري، سانگهڙ ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاروباري مرڪز نه کُليا، سجاول، نواب شاهه، ٽنڊو محمد خان، مٺي، ڄامشورو، بدين، مٽياري قاضي احمد، هالا ۽ ٻين شهرن ۾ به بازارون بند رهيون. شهدادڪوٽ، ڊگهڙي، ڍورو نارو، شهدادپور، ڳاڙهو، دڙو، ميرپورساڪرو، لعلو رائنڪ، تنگواڻي،  چوهڙ جمالي، چمبڙ، خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ، سڪرنڊ، راڄوخاناڻي، ڌاٻيجي، نواب ولي محمد، فريد آباد، قاضي احمد، ڪڍڻ، نئون دمبالو، ٽنڊو غلام علي، تلهار،  شيخ ڀرڪيو، وارهه، جهمپير به هڙتال ڪئي وئي. نوابشاهه ۾ شٽربند هڙتال جي سلسلي ۾ شهر جا مک ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جڏھن ته رينجرز پاران سنڌ ترقي پسند پارٽي جي آفيس تي چڙھائي ڪئي ۽ ڪارڪنن کي حراسان ڪيو اھڙي عمل خلاف ايس ٽي پي جا ڪيترائي ڪارڪن ايس ٽي پي آفيس پھچي ويا ۽ ايس ٽي پي جي ضلعي صدر نثار ڪيريو، رفيق ملاح، ٻُڍل مگسي ۽ شاهنواز ڪيريو جي اڳواڻي ۾ ريگل چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.  اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي وسيلن جو مالڪ صوبي جو عوام آهي، ٻيٽن تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، سياسي، سماجي ۽ قومپرست تنظيمن طرفان اٿارٽي آرڊيننس رد ٿيڻ تائين جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ جي عوام هڙتال ڪري صدارتي آرڊيننس خلاف قومي ٻڌي جو ثبوت ڏنو آهي، مختلف شهرن ۾ پوليس گرفتاريون ڪري سنڌ دشمني جو ثبوت ڏنو، اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، سنڌ جو هر ماڻهو ڌرتيءَ جي تحفظ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندو.  ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي ڪامياب پر امن هڙتال تي سنڌ جي شعور کي سلام پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته سنڌ جو هي هلندڙ احتجاج سنڌ جي سياسي شعور ۽ جرئت جي فتح آهي جنھن پنھنجي شعور کي گڏيل فيصلن ۽ پرامن عوامي مزاحمت سان حڪمرانن ڏانهن ڀرپور پيغام موڪليو آهي ته سنڌي عوام سنڌ جي انچ انچ جو محافظ آهي ڪنهن به طرح مرڪز جي يلغار يا قبول نه ڪندو. هن چيو ته سنڌ سرڪار جيستائين سنڌ اسيمبلي مان ٻيٽن تي مرڪز جي جبري قبضي خلاف ٺهراءُ پاس نٿي ڪري ان وقت تائين سنڌ سندن ڪنهن به دليل يا واويلا کي قبول نه ڪندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.