وڏو وزير مراد شاهه نيب آڏو پيش، روشن سنڌ، ڀرتين بابت سوال

ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب ڪراچي جي آفيس ۾ پيش ٿي مختلف ڪيسن بابت دستاويز  جمع ڪرائي ڇڏيا.ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جو وڏو وزير تقريبن هڪ ڪلاڪ نيب جي آفيس ۾ موجود رهيو، جتي کانئس نيب آفيسرن غير قانوني ڀرتين، روشن سنڌ منصوبي، شگر سبسڊي ۽ ڪڻڪ بحران بابت سوال ڪيا. ذريعن موجب سيد مراد علي شاهه روشن سنڌ منصوبي ۽ ٻين ڪيسن بابت دستاويز پڻ نيب اختيارين کي پيش ڪيا.  هوڏانهن وڏي وزير کان  2012۽ 2013 ۾ اطلاعات کاتي ۾ 45 آفيسرن جون ڀرتين وارو معاملو به نيب ٻيهر کولي ورتوآهي،ان سلسلي ۾ ذريعن موجب نيب عملدارن وڏي وزير کان اطلاعات کاتي ۾اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي وڏ وزارت ۽ سندس ناڻي کاتي جي وزارت واري دور ۾ اطلاعات کاتي۾ بااثرسياسي اڳواڻن جي 45 رشيتيدارن کي  ڀرتي ڪرڻ بابت سوال ڪيا. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.