سنڌ ۾ طبي عملو سراپا احتجاج، مريض دربدر ، گمبٽ ۾ عورت تڙپي تڙپي فوت

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر  ( نمائندن وٽان )  گرينڊ هيلٿ الائنس جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻي ڏينهن به او پي ڊي بند ڪري مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، او پي ڊي بند هئڻ سبب هزارين مريض  رُلي ويا، گمس ۾ عورت علاج نه ٿيڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي.  حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، سکر، ميرپورخاص ۽ بينظير آباد ڊويزن جي شهرن ۾ طبي عملو سراپا احتجاج بڻيل آهي.حيدرآباد جي سمورين سرڪاري اسپتالن، تعلقي اسپتالن، رورل هيلٿ سينٽرن ۽ بي ايڇ يو سينٽرن ۾ او پي ڊيز جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جنھن سبب ھزارين مريض رلي ويا ۽ بنا علاج جي گھر روانه ٿي ويا. ڪنڌڪوٽ ۾ ڪنڌڪوٽ هيڊڪواٽر سول اسپتال  ۾ به ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ نرسز جو مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻئي ڏينهن به احتجاج علامتي بک هڙتال او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.  گمبٽ ۾ ملازمن جي احتجاج دوران علاج لاءِ آيل گهوٽڪي واسڻ ناري رضيه خاتون تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي.سجاول، شهدادڪوٽ، نئون ڪوٽ،  ڊکڻ، نصير آباد، ڊگهڙي ۽ ٻين شهرن ۾ به پيرا ميڊيڪل عملي پاران او پي ڊي بند ڪري احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ حڪومت ھڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڊاڪٽرن سميت صحت کاتي جي ملازمن جو ڪورونا ھيلٿ رسڪ الائونس پھرين آڪٽوبر تي بند ڪري ڇڏيو آهي، جڏھن ته ٻيهر ڪورونا وائرس جي مريضن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري اڃا تائين صحت کاتي جا ملازم ڪورونا ايمرجنسي ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رهيا آهن. گرينڊ ھيلٿ الائنس مطالبو ڪيو ته ھيلٿ رسڪ الائونس بنا دير شروع ڪري ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو مطالبن جي مڃتا تائين جاري رکيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.