مصطفيٰ ڪمال جا ڪاغذ ڪوڙا نڪتا ته نتيجا خطرناڪ نڪرندا:اليڪشن ڪميشن

ڪراچي (رپورٽر))سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾  اليڪشن ڪميشن  ڪراچي جي اڳوڻي سٽي ناظم ۽ چيئرمين پي ايس پي مصطفيٰ ڪمال جي نااهلي بابت ڪيس ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن مصطفيٰ ڪمال جو حلف نامو ڪوڙو ثابت ٿيو ته ان جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا.عدالت ۾ پاڪ سرزمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال کي نااهل قرار ڏيڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي. درخواست گذار  سلمان مجاهد بلوچ چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال 1994ع کان 2002ع تائين ڪراچي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج ۾ ملازمت ڪندو هو. مستقل غير حاضري ۽ مس ڪنڊڪٽ تي مصطفيٰ ڪمال کي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو هو. قانون موجب نوڪري مان برطرف شخص ڪنهن به عوامي عهدي يا اليڪشن وڙهڻ جي لاءِ نااهل هوندو آهي پر ان جي باوجود مصطفيٰ ڪمال پي ايس 117 ۽ سٽي ناظم جي لاءِ اليڪشن وڙهيو. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن لکت ۾ جواب عدالت ۾ جمع ڪرايو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته مصطفيٰ ڪمال 2020 ۽ 2005 جي چونڊن ۾ حصو ورتو.اليڪشن ڪميشن پنهنجي جواب ۾ اهو به چيو آهي ته جيڪڏهن مصطفيٰ ڪمال جو حلف نامو ڪوڙو ثابت ٿيو ته ان جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا، جنهن کان پوءِ عدالت  ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 18 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.