ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائن لاءِ ڌار ڌار ٽيسٽ وٺڻ تي نوٽيس

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  ميڊيڪل ڪاليجن  ۾ داخلا لاءِ وفاق ۽ صوبن طرفان ڌار ڌار ٽيسٽ وٺڻ خلاف درخواست تي پي ايم سي ۽ سيڪريٽري صحت سنڌ سوڌو ٻين ڌُرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهي. عدالت ڌُرين کان 16 آڪٽوبر تي جواب طلب ڪري ورتو، درخواست ۾ شاگردن موقف اختيار ڪيو آهي ته صوبي ۽ وفاق طرفان ميڊيڪل ڪاليجن توڙي يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ ڌار ڌار ٽيسٽ وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو. پي ايم ڊي سي جي خاتمي بعد وفاق ۽ صوبن وچ ۾ داخلا تي تڪرار پيدا ٿي ويو آهي، جنهن سبب شاگردن ۾ بيچيني پکڙيل آهي. درخواستگذار شاگردن طرفان وفاق ۽ صوبن کان داخلا پاليسي طلب ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.