اڳوڻي آءِ جي خلاف ريفرنس ۾ اڳڀرائي نه ٿي، نيب تي ڪاوڙ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ۾ اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي  سوڌو ٻين پوليس آفيسر خلاف ڪرپشن ريفرنس ۾ اڳڀرائي نه ٿي، عدالت  طرفان نيب جي ناقص ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهارڪندي  پڇيو ته ريفرنس ڪٿي پهتو. جوابدارن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا يا نه؟ جاچ آفيسر عدالت کي آگاهه ڪيو ته ريفرنس تي ٽرائل اڃا شروع ناهي ٿيو، ڪيس ۾ روپوش هڪ جوابدار جي اڃا گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي، عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 2018ع ۾ داخل ٿيل ريفرنس ۾ اڃا تائين فرد جرم لاڳو ناهي ٿي سگهيو. روپوش جوابدار گرفتار نٿو ٿئي ته ريفرنس مان اُن کي ڌار ڪيو وڃي. عدالت ٻڌڻي 29 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.